لاهور(شوبز نيوز) مشهور گلوڪار سلمان احمد خلاف سوشل ميڊيا ضابطن جي ڀڃڪڙي تي پيڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. سوشل ميڊيا تي قومي سلامتي ادارن ۽ رياست خلاف پروپيگنڊا ڪرڻ تي گلوڪار سلمان احمد خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. پوليس موجب ڪيس لاهور جي ڊفينس اي پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر ۾ لکيو ويو آهي ته سلمان احمد جا سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي 2 لک 65 هزار 400 فالوورز آهن جنهن خلاف سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. ايف آءِ آر موجب سلمان احمد نفرت آميز پوسٽ سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي ۽ ان کي ڊيوٽي تي موجود پوليس اهلڪار ذاتي طور تي ڏٺو.