گلزار خليل جا گلها ۽ رنگا رنگ

0
53
گلزار خليل جا گلها ۽ رنگا رنگ

سنڌ ۾ فارسي ٻولي جيتوڻيڪ هن وقت سقيم حالت ۾ هلي ويئي آهي پر ڪو زمانو اهڙو به هو جڏهن رومي کان ويندي فردوسي تائين فارسي جا قدآور شاعر تمام گهڻا مقبول هئا، مثنوي سليبس ۾ شامل رهي آهي ته شاهنامي کي به ديس دوستي لاءِ ڪتب پيو آڻبو هو، سنڌ ۾ جڏهن فارسي ۾ سرڪاري لکپڙهه ٿيندي هئي تنهن زماني جي چوڻي “فارسي کارسي يا گهوڙي چاڙهسي” اڄ سوڌو زبان زد عام آهي. ڏاها انهي ڪهاوت جي تشريح ڪندي فرمائين ٿا ته ڇاڪاڻ ته فارسي ۾ مجازي محبت وارا غزل ايڏا ته درد انگيز ۽ رقت آميز رهيا آهن جو جڏهن الهڙ جواني جي آغاز وقت نصابي ڪتابن مان ڀيرا ڏيندي بيتن جي جهونگارڻ مهل عاشقاڻو مزاج ڪنهن ڪاري ڀوري جي تلاش ۾ نڪري ويندو هو پوءِ “ادي کي جنين نه ڪنين پر ادو عشق ۾ انڌو ” ٿي پهه پچائيندو هو ته اجها منزل مقصود تي پهتاسين ! ٽنڊ به ٽُڪا ٿي گهري سو سڃي سکڻي عاشق کي ڦٻندا فقط ديو مالائي خيال هئا، برهه بازارين وارا بيت ته ڪونه هئا هوبهو بم گولا ۽ بارود هئا جيڪي محبتي مزاج وارن نوجوانن جي بت کي ڀسم ڪري ڇڏڻ جي صلاحيت رکندا هئا،

هر غنچه ڪه گل گردد

دگر غنچه نه گردد قربان زلب – يار

گهي غنچه گهي گل

جيڪا مکڙي ٽڙڻ کان پوءِ جڏهن گل جو روپ ڌاريندي آهي ته پوءِ ويچاري جي نصيب ۾ پت جهڙ اچي ڌار وجهندو آهي ۽ نازڪ نفيس پتيون ڇڻي وينديون آهن فنا ٿي وينديون آهن پر منهنجي محبوب جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان جنهن جا سنهڙا سيبتا لب سدائين مکڙي ٿيڻ ۽ گل بڻجڻ جي هڪ ئي وقت طاقت رکن ٿا.

درد بهاران ڪئي شود

سرسبز سنگ

خاڪ شو تا گل برويد

رنگ رنگ

ٻيلي ! هي جيڪا بهار جي مند آهي تنهن وٽ ڪهڙي ڪرامت ٿو ڏسين جنهن جي نتيجي ۾ وڻ ٻوٽا مورجيو وڃن ۽ طرحين طرحين جا خوشنما گل ڦل طبع مبارڪ کي خوشيون فراهم ڪري رهيا آهن؟ سائل جي جواب ۾ شاعر چوي ٿو ته ڪرامت جي خبر ڪريم رب کي پر منهنجي خيال ۾ کيس اهي حسناڪيون ان ڪري عطا ٿيون آهن ڇاڪاڻ ته داڻي ڪڻي پهرين پنهنجو پاڻ کي مٽائي ڇڏيو ۽ موصوف سپرد خاڪ ٿي ويو پوءِ کيس اهو شرف مليو آهي جنهن لاءِ اردو جو شاعر چوي ٿو ته

مٽادي اپني هستي ڪو

اگر ڪڇ مرتبا چاهي

ڪه دانا خاڪ ۾ مل ڪر

گل و گلزار هوتا هي

گل گلزاري واري انهي ذڪر خير دوران اڄ اوهان کي “ گلزار خليل ” جي گسن پنڌن ڏانهن گامزن ڪرڻ جي جسارت ڪريون ٿا، راڄ واهه جي ڏکڻ ۽ نبي سرواهه جي اتر ۾ هڪڙو “ دو آبو ” ڏسڻ ۾ ايندو ديهه ٻوهولو ۽ تعلقي ساماري واري انهي ڳوٺ ۾ فارسي ٻولي اڄ به اظهار مافي الضمير لاءِ ائين پئي استعمال ٿئي جيئن ميرن ٽالپرن جي دور ۾ ٿيندي هئي. دو وايو  ٽي وايو  ڪريما نام حق پند نامون مالا بد منه زليخا ۽ سڪندر نامون اڄ به هن ڳوٺ جي مڪتب واري سليبس ۾ جيئن جو تيئن شامل آهن، ڳوٺ اڏيندڙ عالم سائين حسين جان جو شاعري وارو ڪتاب “ خيابان – سرهندي ” ٿا پڙهون ته ڪليم همداني ۽ حافظ شيرازي کي جهڙوڪر سنڌ جو ڊوميسائل پيا فراهم ڪريون. سندن فرزند ارجمند سائين اسماعيل جان جتي ديوان روشن جو درشن ٿا ڪريون ته جهڙوڪر نظامي گنجوي ۽ نظير نيشاپوري نهٽي ۽ نبي سر ٿر جا هجن. اهي فارسي شاعري جا رومي جامي رودڪي ۽ سعدي شيرازي سان ڪلهي گس ڪندڙ دبستان ستر سال اڳ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان جهڙي لائق اسڪالر جي نگراني ۾ اشاعت پذير ٿيا هئا. ڪي اهل ذوق ضرور پيدا ٿيندا جيڪي سرهندي بزرگن جي ڪليات کي تهران ۽ تبريز جي يونيورسٽين جي سهڪار سان تحقيق جي دائري ۾ آڻي ڊاڪٽريٽ جون ڊگريون حاصل ڪندا، هن آستانه عاليه جو ٽيون بزرگ سائين ابراهيم جان هو، ويهارو سال ٿيندا حضرت صاحب وڃي ڀٽائي بادشاهه جي من پسند پهاڙي سلسلي گنجي ڏنگر گام تي ابدي آرامي ٿيو .

شاعري ۾ تخلص اختيار ڪيو هئائون “خليل”. دهلي جي قزول باغ واري طيبه ڪاليج مان حڪمت ۽ سنڌ مدرسي ڪراچي مان انگريزي تي عبور حاصل ڪيو هئائون. قال ۽ حال لاءِ ساندهه سفر ۾ رهيا. ايڪهتر واري جنگ ۾ اسان ٿر مان لڏجي ٻوهه لوءِ واري ڪلر ڪاري ۾ اچي پناهه گزين ٿيا هئاسين، جنگ متاثر ماروئڙن لاءِ سائين سرهندي وڏي ساري خيرات ڪئي هئي، سڳداسي چانورن جي اها خوشبو اڄ به وات کي گد گد ڪري رهي آهي. ڪتابي چهري تي حنائي رنگ واري چانپئي ريش مبارڪ هٿ ۾ ٿلهي ٿنڀري عصا مبارڪ پاڻ چر ڏانهن تشريف فرما ٿيا ڪامين چيو ته سائين ديڳيون دمجي چڪيون آهن، سائين رضاڪارن کي آرڊر ڏيندي فرمايو ته : ابا ! هاڻ ائين ٿيندو ته سڀ کان اڳ ۾ ٿريا کائي ڍئو ڪندا ته پوءِ ناري پٽ وارن لاءِ ماني لڳندي. سائين جيئن حويلي مبارڪ ڏانهن روانا ٿيا ته ماڇين ۽ بروهين چيو ته حضرت صاحب جو حڪم اکين تي پر ڍاٽيو! اوهان جاته ڇنا به ڌار هوندا هئا. هل ڙي اوهان جي لئه. خليل سرهندي ساندهه سٺ سال حضرت داغ دهلوي جيان “جهان بيٺ گئي بيٺ گئي” رات ۽ ڏينهن هڪ ڪري راڻي کي ريجهائڻ لاءِ سندن نام نامي اسم گرامي ڏانهن منسوب ڳوٺ ۾ قدرت طرفان عطا ٿيل ڊيوٽي جنهن ڪميٽمنٽ سان پوري ڪئي اهڙي سعادت ڌڻي سائين ڪن بالا بخت بزرگن کي عطا ڪندو آهي.

تنهنجي هجر فراق ۾

هر هر هر هر

نيڻن مان وهن ٿا

نير الا

محبوب مديني جا

مير الا!

سندن شاعري سوين موضوعن جو احاطو ڪري ٿي، ٽکڙ جي شاعرن جو تذڪرو سيد اسدالله شاهه بيخود حسيني جي ڪتاب ۾ ڏسي سگجهي ٿو. خليل سرهندي جي منظوم حڪايت هن ڪتاب ۾ به محفوظ آهي ته حاجي احمد ملاح سان ليکو چوکو ڪندي پورو ڪتاب “ ڪنڊي جو ڪاڍوڙ ” جي عنوان سان مارڪيٽ ۾ موجود آهي، نثر ۾ سائين جي ايم سيد کي “سنڌ سونهاري” جي نالي سان جيڪي سوکڙيون پاکڙيون موڪليون اٿن اهڙي ڪتاب جون ڇهه هزار ڪاپيون ڇپيون هيون. اڄ به علمي حوالي سان تقابلي مطالعي جا باذوق پاڙهو حاجي صالح راهو کان ڪتاب فوٽو اسٽيٽ ڪرائي ويندا آهن، جنهن پنهنجي مربي مرشد جي لاءِ منقبت هن ريت جوڙي آهي.

گهوٽ تون گلزار جو

خاصو خدا جو تون خليل

رول راهو جو ڀلارا

ٿي وسيلو ۽ وسيل

ڪر سخا تون اي سخي!

توري نه منهنجي واهه ڪا

منهنجا پيارا پير سهڻا

دلربا دلبر مٺا….

پيرسائين ابراهيم جان جي خوش طبعي ۽ دلربائي جا داستان بيان ڪبا ته هن ڪالم کي قسطن حوالي ڪرڻو پوندو، ڏهاڪو ڪتابن جيترو مواد صالح راهو وٽ موجود ڏٺوسين جڏهن ته حقوق القرآن ، ماءُ پيءُ جا حق، شهادت سيدنا امام حسين، گناهه بي لذت، گلها ۽ عقيدت، ذڪر حبيب، مجربات خليل، مڪتوبات خليل، مقالات خليل، فتاويٰ خليل، گمنام گوهر شفاءَ الصدور، ياد خليل ۽ الاصلاح رسالي جا اڪيچار مضمون جهڙا خوبصورت نثري ڪتاب ۽ مقالا مارڪيٽ ۾ موجود آهن. اڌ صدي جو عرصو تصور ۾ هن عاجز گلزار خليل ۾ گذاريو آهي. افغانستان جو بادشاهه ظاهر شاهه به هن گهراڻي سان گهري دوستي جي سڳي ڌاڳي ۾ قابو هو ته افغانستان جو صدر صبغت الله مجددي گهر ڀاتي جيان هو. ايراني اسڪالر به هتي ايندي ويندي ڏٺاسين ته مصر ۽ عربستان هندستان ۽ سينٽرل ايشيا جي عالمن جي به آمد رفت کان هي ڳوٺ محروم ناهي رهيو.

مولانا شاهه احمد نوراني هجي يا  مولانا فضل الرحمان، قاضي حسين احمد هجي يا مفتي منيب الرحمان پاڪستان جا سياسي ۽ مذهبي اڳواڻ خليل سرهندي سائين وٽ خلوت توڙي جلوت ۾ پيا صلاحون وٺندا هئا. مجرم لغاري ۽ حليم باغي لاءِ به هن دبستان جا در کليل ڏٺاسين ته ڊاڪٽر بلوچ ۽ قلندر لڪياري جهڙا اسڪالر به ايندي ويندي ڏٺاسين. ساهڙ ٿيٻي جهڙا سگهڙ اڻيهيئي ٽڪيا پيا هوندا هئا. معمور يوسفاڻي، ولي سروري، ثاقب سهروردي کان ويندي محمد حسين ڪاشف ۽ حاجي الهه داد جنجهي پارا بزرگ سائين وٽ لطيفيات جا سبق پيا وٺندا هئا.تڪرار راڄ ڀاڳ جا هجن يا ڪڙم قبيلن جا، فيصلي لاءِ هزارين ماڻهن کي سائين ڏانهن رجوع ٿيندي ڏٺوسين، اڙيات لاءِ اوڌر نه نقد سڪه رائج الوقت سان سهائتا ٿيندي هئي. حافظ شفيع محمد پلي پارا طرح مصرعه ڏيندا هئا،

اڄ ادا عالم سڳورو

گوڏ سان گس تي گڏيم

تنهن وڏا واعظ ڪيا

پر ڀر نه ڀونگين جي ڇڏيم.

عطا سرهندي کان ويندي انور چانڊيي تائين انهي ميدان ۾ طبع آزمائي ڪري ماڻهن کي کلائي کلائي کيرا ڪري ڇڏيندا هئا. سائين خليل سرهندي جي موڀي پٽ عطا جهڙو غزل گو شاعر هم عصر دور ۾ ته موجود رهيو آهي پر هن وقت اها جنس عنقا پکي جيان اڻ لڀ ٿيندي ڏسون پيا. عطا جان به ڇا ته انسان هو، جوش ۽ فرض تي ڳالهائي ته احمد نديم قاسمي کي به ڏندين آڱريون ڏياري ڇڏي، احمد ملاح ۽ شيخ اياز جو تقابلي جائزو وٺي ته تنوير عباسي ۽ امداد حسيني کي حيران ڪري ڇڏي  عطا جا ٻه ٻول ٻڌندا هلون!

ڏسي محفل جو رخ آئون

اڳيان هن جي، سر- محفل

ڪريان ٿو هيٺ اکيون پر

نظر کي ڪير سمجهائي ؟

لهي اڀري ٿو روزاني

صرف نئين سج جي اڀرڻ سان،

نه ٿيندو آ سحر

مرغ- سحر کي ڪير سمجهائي!

ويهارو سالن کان هن آستانه عاليه جي جا روب ڪشي سائين ايوب جان حوالي آهي، فارسي داني ۾ پاڪستان جو ڪوبه اسڪالر ساڻس ڪلهي گس ڪندي نظر نٿو اچي، ڇا سنڌ لاءِ اها ڳالهه وڏي اعزاز جهڙي ناهي ته اڄ به هن ديس جو هڪڙو ماڳ مڪان اهڙو به آهي جتي فارسي کارسي نه پر گهوڙي چاڙهسي جيان پوري ڪر ۽ فر سان زندهه جاويد موجود آهي.!