گلاب لغاري (ن پ ا) حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندن جان نثار ساٿين جي ڪربلا ۾ ڏنل لازوال شهادت جي حوالي سان اڄ چهلم جي موقعي تي گلاب لغاري ويجهو سنڌ جي تاريخي ماڳ اگهم ڪوٽ ۾ مدفون بي بي ماهم  سلام الله عليه جن جي روضي مبارڪ تي حاضري لاءِ پوري سنڌ توڙي ملڪ جي مختلف علائقن مان پيادل توڙي مختلف گاڏين ذريعي سوين قافلن جي صورت ۾ هزارين عزادار حسين ۽ زائرين پهچي نوحا خواني ۽ سينا ڪوبي ڪندي زيارت جو شرف حاصل ڪيو جن ۾ ننڍڙا ٻار پيرسن عورتون ۽ مرد وڏي تعداد ۾ شامل ھئا انهي موقعي تي ايندڙ ھزارين عزادار حسين ۽ زائرين لاءِ اوقاف کاتي ۽ شيعه مسلڪ جي مختلف ماڻهن جي گڏيل ڪوششن سان مئنيجر عبدالستار سولنگي علي گل لغاري نياز حسين لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻهن جي ويهڻ لاءِ تنبو لڳائي ڇانو جو بندوبست پڻ ڪيو ويو انهيَ موقعي تي مختلف رستن ۽ جڳھين تي مٺي ٿڌي پاڻي جو سبيلون ۽ چانھ فروٽ تقسيم ڪرڻ سان گڏ لنگر جو ڪئمپون پڻ قائم ڪيون ويون ته ٻئي طرف ايس ايڇ او رياض رند جي اڳواڻي ۾ مختلف رستن تي پوليس چوڪين تي وڏي نفري سان گڏ ٽرئفڪ پوليس ۽ ليڊيز پوليس جي ٽيھن کان مٿي اھلڪارن ۽ ھڪ سئو کان مٿي رضاڪار پڻ مقرر ڪيا ويا ھئا جن  سيڪيورٽي جا انتظام سر انجام ڏنا جڏهن ته صحت کاتي طرفان ميڊيڪل ڪئمپ پڻ لڳائي ويئي ۽ صفائي جو پڻ انتظام ڪيو ويو.