گلاب لغاري (ن پ ا )بڪيراڻي سب ڊويزن مان نڪرندڙ ميران کوري شاخ ۾ اسڪارپ کاتي پاران تعلقي چمبڙ جي ھزارين ايڪڙ زمينن جو برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ واري منصوبي خلاف پوڇڙي جي سوين آبادگارن ھارين ۽ ڳوٺاڻن پاران حاجي ولي محمد لغاري عزيز احمد سريوال ڪامريڊ اشرف لغاري محمد موسىٰ لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گلاب لغاري موڙ پوليس چيڪ پوسٽ کان پريس ڪلب تائين هٿن ۾ مطالبن جي مڃتا وارا پلي ڪارڊ ۽ بئنر کڻي سخت نعري بازي ڪندي احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو انهئ موقعي تي اڳواڻن پريس ڪلب اڳيان خطاب ڪندي چيوته چمبڙ تعلقي جي اڳوڻي بااثر ڪاموري ۽ سياسي شخصيتن جي هزارين ايڪڙ زمينن جو برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاء ميران کوري شاخ جي 14 آرڊي وٽان اسڪارپ کاتي پاران سم نالو منظور ڪري لفٽ مشينون لڳائي ڏيئڻ جو منصوبو جوڙيو آهي، جيڪو قبول ناهي، فوري طور تي رد ڪيو وڃي