گلاب لغاري(ن پ ا)گلاب لغاري ويجهو چار روزه ثقافتي تفريحي ميلو ملاکڙي جي آخري ڌمال بعد پنهنجي پڄاڻي تي پهتو جنهن ۾ سنڌ جي مشهور ملهه پهلوان مراد پهنور ملهه راند ۾ ميدان ماري ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو ان ڏس ۾ چئن ڏينهن کان ھلندڙ ثقافتي تفريحي ميلي ۾ پهلوان غلام حسين سريوال جي نگراني هيٺ سنڌ جي ثقافتي راند ملهه جا بردست مقابلا ٿيا جنهن ۾ اتر ۽ لاڙ جي مشهور ملهه پهلوانن مراد پهنور، شريف موسيپوٽو، صدام پهنور، اخلاق سريوال ڦل محمد پهنور، محبوب گپچاڻي، معشوق لغاري، شيردل گپچاڻي امشاد سريوال، اعجاز ميراسي خميسو چوهاڻ حمل مري ۽ ٻين وچ ۾ ملهه پھلواني جا زبردست مقابلا ٿيا جڏهن ته مراد پهنور اعجاز ميراثي ۽ صدام پهنور پنهنجي حريف پهلوانن کي فائنل ملهون دسي سوڀارا ٿيا جن ۾ مھمان خاص اڳوڻو ڪمشنر ۽ اڳوڻو ضلع ڪائونسل ميمبر شمس الدين لغاري ضلع ڪائونسل جي ميمبر تنوير احمد سريوال پ پ اڳواڻ  ابير احمد سريوال يوسي چيئرمين تيمور سريوال حاجن عرف اميربخش سريوال توفيق سريوال ۽ ٻين طرفان کين نقد انعام ۽ ھڪ موٽر سائيڪل انعام طور ڏنو ويو ملاکڙي بعد غلام نبي لغاري پاران معزز مھمانن کي بوسڪي جا پٽڪا ٻڌڻ سان گڏ کين اجرڪون پڻ اوڍايون ويون .