“گلاب رنگ رتون” … امداد حسيني: شاعريءَ جي درسگاھ

0
30
“گلاب رنگ رتون” ... امداد حسيني: شاعريءَ جي درسگاھ

 امداد حسيني شاعريءَ لاءِ ڪنھن درسگاھ کان گھٽ ناھي. شاعري ڪندڙن لاءِ سندس شاعري ھڪ سکيا گھر آھي جنھن منجھان ڪيترائي درس ۽ سبق پرائي سگھجن ٿا. سائين امداد جي شاعريءَ ۾ اھو سڀ ڪجھ آھي جيڪو ھڪ سٺي شاعر ۾ موجود ھجڻ گھرجي. امداد حسيني سنڌي شاعريءَ جو تمام وڏو نالو ته آھي ئي پر ھن جي اردو شاعري به اوتري ئي ڪمال جي آھي. اسان کيس پنھنجي اکين آڏو ڪيترائي اردوءَ جا وڏا مشاعرا لٽيندي ڏٺو آھي. سندس پھرين ڪتاب “دھوپ ڪرن” کي ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آھن. ساڳي ريت سندس تازو شايع ٿيل ٻيو اردو شاعريءَ جو ڪتاب “گلاب رنگ رتون” ڪنھن به ريت گھٽ نه آھي. ھي ڪتاب امداد حسيني فائونڊيشن پاران شايع ڪيو ويو آھي، جنھن جو ڪريڊٽ ميڊم سحر امداد ڏانھن وڃي ٿو.

                 امداد حسيني جينئين ۽ اوريجنل شاعر آھي.  کيس شاعريءَ جي مضمون سان ئي عشق ھوندو ھو. ھن کي عام شاعرن وانگر فقط پنھنجي شاعري ٻڌائڻ جو شوق نه ھو پر کيس ٻين جي شاعري ٻڌڻ جو وڏو شوق ھوندو ھو. سندن شاعري تمام غور سان ڌيان ڏئي ٻڌندو ھو ۽ جيڪا شاعري وڻندي ھيس ته دل کولي داد پڻ ڏيندو ھو. امداد حسيني ڪيترن ئي شاعرن جي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندو ھو ۽ انھن جي ڪتابن تي مھاڳ يا ٻه اکر به لکي ڏيڻ ۾ ڪو عار محسوس نه ڪندو ھو. مان سمجھان ٿو وقت جي وڏي شاعر جو ھڪ فرض اھو به بڻجي ٿو ته ھو پنھنجي دور جي شاعريءَ کي پڙھي ۽ ان بابت پنھنجي راءِ جو اظھار ڪري، سندن رھنمائي به ڪندو رھي.

امداد حسينيءَ جو ھڪ ڪمال اھو آھي ته جيترو سھڻو سندس غزل آھي، اوترو ئي سگھارو نظم اٿس. ھيٺيون غزل ته شاھڪار اٿس، جنھن جا يارنهن بند آھن. ھونئن ته ڪيترائي بند خوبصورت آھن پر مان پنھنجي پسند جا چونڊ بند شيئر ڪريان پيو:

ہم ادھر یا کہ ادھر جائیں گے

ساتھ تم ہو گے جدھر جائیں گے!

کون سا  اپ کے گھر جائیں گے

راہ ہے ہم بھی گزر جائیں گے!

 دیکھ ہم تیرے بنا زندہ ہیں

تم نے سمجھا تھا کہ مر جائیں گے!

جگ نے چھوڑا تو تیرے پاس آئے

تم نے چھوڑا تو کدھر جائیں گے!

ضروري ناھي ھوندو ته شاعر ھرو ڀرو ھر غزل جا گھٽ ۾ گھٽ پنج شعر لکي. امداد حسيني ھڪ غزل جا فقط اوترا ئي شعر لکي ٿو جيترا کيس معياري لڳن ٿا. ايتري حد تائين جو جيڪڏھن ھڪ ئي شعر معيار تي لھي ٿو ته فقط ھڪ ئي شعر لکي ٿو، ڇو ته معيار ئي شاعريءَ جو اھم پيمانو ٿيندو آھي، جنھن تي سٺا شاعر ڪڏھن به سمجھوتو نه ڪندا آھن.

کسی بھی بات پر بے بات پر جو مسکرائے ہیں

زمانہ جان جاتا ہے ہم ان سے مل کے آئے ہیں

يا

اور کچھ دیر ذرا  رہنے دو

ہاتھ پر ہاتھ دھرا  رہنے دو

شاعر ھڪ سوچيندڙ فرد ٿيندو آھي، ان لاءِ ھن وٽ چڀندڙ سوال ٿيندا آھن، جيڪي ھو ڪڏھن پاڻ کان ته ڪڏھن سماج کان پڇندو رھي ٿو.

تو کیا یہ سب کچھ

پہلے سے طے تھا؟

دیس کے تن سے

ایک بازو کا کٹ جانا

بارہ مئی کے دن کا آنا

اور چپ چاپ گذر جانا

تو کیا یہ سب کچھ

پہلے سے طے تھا؟

يا وري سندس ٻيو سوال ڏسو

یہ کون کرے گا طے؟

حیواں ہے کہ انسان ہے

دانا ہے کہ ناداں ہے

مشکل ہے یا آسان ہے

منزل ہے کہ رستا ہے

تیرا ہے کہ میرا ہے

سادھو ہے لٹیرا ہے

مقتول کہ قاتل ہے

جاہل ہے کہ فاضل ہے

یہ کون کرے گا طے؟

سماج جڏھن غلط رخن ڏي ھلڻ لڳندا آھن ته شعور يافتہ شاعر کين خبردار ڪندا آھن

شاعر سماجي براين کي پنھنجي لفظن جي بندوقن سان ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن.

امداد حسينيءَ جو نظم زندگي ڪيڏو نہ خوبصورت آھي, جنھن ۾ ھڪ دانھن به آھي، افسوس به آھي، يادگيريون به آھن ته فرياد به آھي.

یہاں علم تھا، آگہی  تھی یہاں

یہاں امن تھا، آشتی تھی یہاں

یہاں کھیت تھے اک ندی تھی یہاں

زرا  ڈھونڈھنا  زندگی تھی یہاں

ان آخري سٽ سڄي نظم کي مٿي کڻي ورتو آھي

اسان وٽ پڙھيل لکيل طبقو به اڪثر ڊنل رھندو آھي. سچ جي خبر ھوندي به خاموش رھندو آھي. ھڪ قول ھوندو آھي ته سماج خراب ماڻھن جي ڪري نہ پر سٺن ماڻھن جي خاموش رھڻ ڪري خراب بڻجي ويندو آھي.

عام طور تي اھو چيو ويندو آھي ته شاعر لاءِ مطالعو تمام گھڻو اھم ٿيندو آھي پر مونکي لڳندو آھي ھن لاءِ مشاھدو وڌيڪ اھم ٿيندو آھي.

شاعر جيڪو به لکندا آھن سي احساس ته سڀني وٽ ھوندا آھن پر چوڻ جو ڏانءُ گھٽ ماڻھن وٽ ھوندو آھي. تنھنڪري شديد سينسر شدھ ماحول باوجود شاعر پنھنجي ڳالھ تمام نفاست سان چئي وڃي ٿو

ٹیبل پر ہے بوٹ دھرا

کہاں پر میں کتاب رکھوں!

پیر تو سب کے کاٹ دیے

کٹ نہ سکی پر ان کی چاپ!

اصل ۾ شاعر ڪيفيتن کي بيان ڪندا آھن ۽ انسان ڪيترين ئي ڪيفيتن مان گذرندو رھي ٿو. ڪڏھن اداس ٿي وڃي ٿو ته ڪڏھن اميد پرست. ھيٺيون نظم ھڪ سبق سمجھائي وڃي ٿو

دریا بہتا جائے

سیکھ یہی سکھلاتا جائے

جو رستے میں رک جاتا ہے

وہ بس پتھر کہلاتا ہے

اور جو آگے بڑھ جاتا ہے

وہ منزل کو پالیتا ہے

میری مانو اور من جائو

پتھر نہ بنو دریا بن جائو!

شاعري ورجاءَ جو نالو نہ آھي، تخليقيت جو نالو آھي. جڏھن به اوھان ڪا اھڙي سٽ پڙھو ٿا جيڪا اوھان پھريون ڪڏھن نہ پڙھي ھجي تہ اھا اوھان جي اندر کي ڇھي وڃي ٿي.

فن ته ھڪ ٿانو وانگر ٿيندو آھي پر اصل ڳالھ اھا آھي ته شاعر ان ٿانو ۾ اوتي ڇا ٿو، پڙھندڙن کي آڇي ڇا ٿو. امداد حسينيءَ جي شاعريءَ ۾ سڀ ڪجھ آھي رومانويت، مزاحمت، حقيقت پسندي، تخليقيت، انسان دوستي، سبق، طنز، فڪر، سوال، شعور ۽ گھڻو ڪجھ.