گفتگو_گفتگو … جڙتو مقابلن ۾ مهارت رکندڙ پوليس ۽ ڊاڪٽر شاهنواز جو قتل

0
22
گفتگو_گفتگو ... جڙتو مقابلن ۾ مهارت رکندڙ پوليس ۽ ڊاڪٽر شاهنواز جو قتل

سيپٽمبر جي 26هين تاريخ تي ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار پريس ڪانفرنس ڪري چيو ته، جاچ ٽيم جي رپورٽ ۾ ثابت ٿيو آهي ته، ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي مارڻ جو ڪوبه مقابلو نه ٿيو هو، پوليس جو ڄاڻايل مقابلو جڙتو آهي. هن واقعي ۾ عمرڪوٽ ۽ ميرپور خاص پوليس ملوث آهي. گهرو وزير، ڊي آئي جي ميرپورخاص جاويد جسڪاڻي سوڌو ملوث پوليس پارٽيءَ خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو.

                 پوليس جو ڪم آهي اها ماڻهن جو تحفظ ڪري پر مسلسل گذريل 16 سالن کان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومتي دؤر ۾ پوليس کي مافيا ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. پيپلز پارٽيءَ جي وزيرن، مشيرن، ايم پي ايز، ايم اين ايز ۽ ڀوتارن پوليس کي پنهنجو ڪمدار بڻائي ڇڏيو آهي. پوليس جي آفيسرن کي اها پڪ آهي ته هو ڪابه ڪارروائي ڪري ڇڏين،

                 اها کين هر صورت ۾ ڦٻي ويندي، سندن سرپرست کين بچائي وٺندا. ان مافيا لاءِ ملڪ جو آئين، قانون ۽ انساني حق ڪابه اهميت نٿا رکن. ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي معاملي ۾ وارث چون ٿا ته، اسان ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي پوليس حوالي ڪيو. سنڌ اسيمبليءَ ۾ ميمبرن تقريرون ڪندي چيو ته، پوليس ڊاڪٽر شاهنواز کي ڪراچيءَ مان گرفتار ڪيو آهي.

ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر خود سوشل ميڊيا تي دانهون ڪندو رهيو ته فيس بڪ جي جنهن آئي ڊي جو مون تي الزام هنيو پيو وڃي،

اها آئي ڊي ٻه سال اڳ جي هئي ۽ اها هيڪ ٿي چڪي آهي. عمرڪوٽ پوليس جڙتو مقابلو ڏيکاري ڪيس داخل ڪيو ته ڊاڪٽر شاهنواز موٽر سائيڪل تي سوار هو ۽ سندس دوست جون کيس گوليون لڳيون آهن. بقول صحافي دوست اشفاق لغاريءَ جي، ناول نگار ۽ شاعر پوليس آفيسرن جي گهڙيل ڪوڙي ڪهاڻي گهڻو وقت پير نه جهليا ۽ ڪهاڻيءَ مان جلد هوا نڪري وئي.

انڪائونٽر ڪرڻ، ماڻهو مارڻ، زخمي ڪرڻ، اغوا ۽ ڦُرون ڪرائڻ توڙي منشيات جي وڪرو ڪرڻ سميت هر ڏوهه پوليس جو ڌنڌو بڻجي ويو آهي. ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل خلاف سنڌ جا ساڃاهه وند، سول سوسائٽي، سياسي پارٽيون، صحافي، وڪيل سراپا احتجاج بڻيل رهيا،

ان کان پوءِ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن جي ڪن تي جُون سُري ۽ اها ڳالهه سنڌ اسيمبليءَ ۾ آئي، پوليس جي جاچ ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن ڪميٽي پوليس مقابلو ته جڙتو ڄاڻايو آهي، پر ان گهرائيءَ سان رپورٽ نه ٺاهي آهي.

ظاهر آهي ته “پٽي ڀائي” جو خيال ڪيو ويو آهي. جاچ ۾ بنيادي ڳالهه اچڻ گهرجي ته، اهي ڪهڙا سبب هئا يا پوليس ڪنهن جي فرمائش تي ڊاڪٽر شاهنواز کي قتل ڪيو. ڪهڙا پوليس آفيسر ڊاڪٽر شاهنواز کي ڪراچيءَ مان وٺي آيا، گوليون ڪهڙن پوليس وارن هنيون، حڪم ڪنهن ڪنهن پئي جاري ڪيا. جٿي سان ڪير رابطي ۾ هو، جو جٿو مسلسل لاش جو پِيڇو ڪندو رهيو ۽ لاش وارثن کي اباڻي قبرستان ۾ دفنائڻ نه ڏنو ويو، ڊاڪٽر شاهنواز جون وارث عورتون پيرن ۽ مٿي اگهاڙيون دانهون ڪنديون رهيون،

ان جي باوجود لاش جي بيحرمتي ڪندي ڪنهن جي چوڻ تي لاش کي ساڙيو ويو. لاش کي ساڙڻ جو مطلب آهي ته شاهديون مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ايم اين اي جو به ذڪر نه آهي، ان ڪهڙي خوشيءَ ۾ پوليس آفيسرن کي هار پارايا. بڇ ڪندڙ مولويءَ جو ڪوبه ذڪر نه آهي. ان لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حاضر سروس ججن تي مشتمل جاچ ڪميٽي جوڙڻ گُهرجي، جيڪا گُهر سڄي سنڌ جي آهي.

سنڌ پوليس هڪڙي فرض شناس ڊاڪٽر تي توهين مذهب جو الزام هڻي کيس قتل ڪيو آهي، پوليس جو اهڙو عمل سنڌ جي رواداري ۽ ڀائيچاري کي قتل ڪرڻ جي برابر آهي. سچل، سامي، شاهه ڀٽائي، شاهه عنايت، عبدالرحيم گرهوڙي جي امن واري پيغام جو ڳلو ڪپڻ آهي.

وڏي عرصي کان وٺي حڪمرانن جي اها ڪوشش پئي رهي آهي ته سنڌ کي رجعت پسندن جي حوالي ڪيو وڃي، ان لاءِ گهڻ طرفي رٿابندي ڪئي وئي آهي، اسڪولي نصاب جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو آهي. ملڪ جي وجود جي پهرئين ڏينهن کان وٺي ڌارين جا ڪٽڪ آڻي سنڌ ۾ آباد ڪيا ويا آهن.

سنڌ جا وڏا شهر ۽ ڪاروبار انهن جي حوالي آهن. شدت پسند افغانين، بهارين، بنگالين، تاجڪن ۽ ٻين غير ملڪين کي غير قانوني سنڌ ۾ رهايو ويو آهي. ڪراچي بدامني ڪيس ۾ ملڪ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن رپورٽ ڏني هئي ته، 40 لکن کان وڌيڪ افغاني، بهاري، بنگالي، برمي ۽ ٻيا غير ملڪي غير قانوني طور تي سنڌ ۾ رهن ٿا،

جيڪي قتلن، اغوائن، زمينن تي قبضن، غير قانوني هٿيارن ۽ منشيات جي وڪري سميت ٻين سنگين ڏوهن ۾ ملوث آهن. ان رپورٽ جي آڌار تي سپريم ڪورٽ تڏهوڪي وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کي حڪم ڪيو هو ته غير قانوني رهندڙ سمورن غير ملڪين کي ملڪ مان ڪڍيو وڃي پر ان حڪم تي ڪوبه عمل نه ٿيو. الٽو پيپلز پارٽي جو اڳواڻ نثار کهڙو ۽ ملڪ جو اڳوڻو وزير اعظم عمران خان ۽ ٻيا بنگالين ۽ افغانين کي شناختي ڪارڊ ٺهرائي ڏيڻ جا اعلان ڪندا رهيا. غير ملڪين کي اڄ ڏينهن تائين ملڪ نيڪالي نه ڏني وئي، جيتوڻيڪ 40 لکن کان ٻيڻو ۽ ٽيڻو انگ انتهاپسند غير ملڪين جو سنڌ ۾ موجود آهي.

انهن جي سرپرستي حڪمران ڪن ٿا. پوليس انتهاپسندن کي مڪمل تحفظ ڏي ٿي. جيئن بڇ ڪندڙ مولويءَ کي مڪمل تحفظ آهي. ڊاڪٽر شاهنواز کي قتل ڪندڙ پوليس آفيسرن کي گلن جا هار وجهندڙ محفوظ آهن. سنڌ جي مختلف علائقن، خاص ڪري ٿرپارڪر کي ٽارگيٽ بڻايو ويو آهي،

جتي مدرسن جو ڄار وڇايو ويو آهي. ٿرپارڪر سميت سڄي سنڌ کي انتهاسندن جي حوالي ڪيو ويو آهي، جيڪي هر هنڌ زهر پکيڙي رهيا آهن. سنڌ ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ جو اهو عالم هو ته پوليس هٿان قتل ڪيل ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل تي ٻن ڏينهن تائين خاموشي هئي.

پهرئين ڏينهن تي ڊان اخبار خبر شايع ڪئي، ڊان ٽي وي جي پروگرام (زرا هٽ ڪي) ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ عوامي تحريڪ پنهنجو موقف ڏنو، جيڪو اخبارن ۾ شايع ٿيو ۽ ان کان پوءِ سول سوسائٽي، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن ڳالهائڻ ۽ احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو.

سنڌ حڪومت سنڌ جي ماڻهن کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ ڊي آئي جي ميرپور خاص جاويد جسڪاڻي، ايس ايس پي عمرڪوٽ ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص ۽ ڪجهه پوليس آفيسرن کي معطل ڪيو آهي ته جيئن ماڻهن جي ڪاوڙ گهٽ ٿئي، پيپلز پارٽي سرڪار اٽڪل ۽ ٽال مٽول کان ڪم وٺي رهي آهي.

قاتل پوليس اهلڪارن کي پيپلز پارٽي جي ايم اين اي وڃي هار پارايا، اهو آهي پيپلز پارٽي جو سيڪيولر ۽ روشن خيالي وارو چهرو، جنهن کي هر باشعور ماڻهوءَ ڏسي ۽ پرکي ورتو آهي. پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار سنڌ جي ماڻهن کي غشا پتا هڻڻ ۽ قواليون ٻڌائڻ بدران ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قبر ڪشائي ڪري ۽ درست پوسٽ مارٽم ڪرائي، ڊاڪٽر شاهنواز جي لاش کي پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حاضر سروس ججن تي مشتمل جاچ ڪميٽي جوڙي وڃي ته جيئن ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي خون سان انصاف ٿي سگهي ۽ آئندي اهڙو قهر نه ٿي.

[email protected]