سنڌو درياهه تي نون ڇهن ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سنڌ جي ماڻهن جي جدوجهد زور ورتو آهي ۽ ديڳ تپڻ شروع ڪيو آهي. روزاني ڪيترن ئي ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ احتجاجي پيادل ريليون، مظاهرا، جلسا ٿين ٿا، گڏجاڻيون، ڪانفرنسون ۽ شارٽ مارچون ٿين ٿيون. روڊن تي ڌرڻا لڳن ٿا. اسڪولن جا ٻار، هاري، مزدور، استاد، وڪيل، سياسي ۽ سماجي پارٽين جا ڪارڪن، خاص ڪري سنڌ جون نياڻيون جدوجهد جي ميدان ۾ آهن ته سنڌ جي بادشاهه حڪمرانن جون وايون بتال ٿي ويون آهن. روز بيان تبديل ڪن ٿا. هي ته سنڌ جي ماڻهن جي پُرامن سياسي جدوجهد آهي، پر خدانخواسته جيڪڏهن ملڪ مٿان اوچتو دشمن ملڪ حملو ڪري وجهي ته اهڙي جنگي ۽ ڏکي صورتحال کي هي وائڙا حڪمران ڪيئن منهن ڏيندا؟
گذريل 29 مارچ تي سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه، شرجيل انعام ميمڻ سان گڏ ڪراچي ۾ ڊگهي پريس ڪانفرنس ڪئي آهي. 30 مارچ تي روزاني پنهنجي اخبار هنن صفحن تي رپورٽ ڪيو آهي، جنهن ۾ مراد علي شاهه انڪشاف ڪيو آهي ته “صدر زرداري وٽ چولستان ڪئنال بابت ٿيل اجلاس جي منٽس ۾ ڦير ڦار ڪئي ويئي آهي.” هي بيان سنڌ صوبي جو ذميوار وڏو وزير مراد علي شاهه پيو ڏي. ان بيان کان ڪجهه ڏينهن اڳ مختلف هنڌن تي مراد علي شاهه هڪ کان وڌيڪ ڀيرا صحافين جي سوالن جي جواب ۾ چيو ته “ڪهڙا ڪئنال،” “ڪٿي پيا ٺهن ڪئنال،” شرجيل انعام ميمڻ چيو ته “ڪئنال ٺاهڻ ڪونه ڏينداسين.” پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي حيدرآباد ۾ مولابخش چانڊيي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪئنالن جو ذميوار پنجاب جي وزير اعلى مريم نواز کي قرار ڏنو. چيائين ته ڪئنال منظور نه ٿيا آهن، پر فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ مريم نواز افتتاح ڪيو آهي ۽ اهو به فرمايائين ته اسان وفاقي حڪومت جو حصو نه آهيون. پيپلز پارٽي جي قيادت پنهنجي پر ۾ عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ وڏي مهارت ۽ اٽڪل بازي سان اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته ڇاڪاڻ ته اسان جا وفاقي وزير نه آهن، تنهن ڪري اسان حڪومت جو حصو نه آهيون. پيپلز پارٽي جي قيادت سمجهي ٿي ته اهو موقف بيان ڪرڻ سان ماڻهو سندن مٿان مڪمل اعتبار ڪندا ۽ کين حڪومت جو حصو نه سمجهندا پر حقيقت اها آهي ته پيپلز پارٽي سرڪاري بئنچن تي ويهي ٿي. پ پ ميمبرن کي سموريون سرڪاري سهولتون حاصل آهن. سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي مڪمل طور تي نواز ليگ جو نه رڳو حصو آهي پر ان جي سمورن فيصلن سان هڪ راءِ آهي. ڪنهن به فيصلي جي مخالفت نٿي ڪري ۽ موٽ ۾ پيپلز پارٽي جي قيادت کي اهو سمورو پروٽوڪول حاصل آهي، جيڪو حڪومتي ڌر کي هوندو آهي. وزير اعظم ميان شهباز شريف پيپلز پارٽي جي ووٽن تي تخت نشين آهي. پ پ ۽ نواز ليگ جو گڏيل وزير اعظم آهي. سينيٽ جو چيئرمين پيپلز پارٽي جو اڳوڻو وزير اعظم يوسف رضا گيلاني آهي. ملڪ جي صدارت آصف زرداري صاحب وٽ آهي. بلوچستان جي حڪومت پيپلز پارٽي جي آهي. پنجاب ۽ خيبر پختونخوا صوبن جا گورنر پيپلز پارٽي جا آهن. قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي سيٽ پيپلزپارٽي وٽ آهي. سنڌ ۾ گذريل 16 سالن کان پيپلزپارٽي اقتدار تي براجمان آهي. اڃان نثار کهڙو صاحب چئي ٿو ته پيپلز پارٽي حڪومت جو حصو نه آهي! نثار کهڙي صاحب کان پڇجي ته قانون جي ڪهڙي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته جيڪا ڌر حڪومتي بئنچن تي ويهي، سموريون سرڪاري سهولتون حاصل ڪري، حڪومت جي سمورن فيصلن ۾ شامل هجي، وزير اعظم به سندن ووٽ سان گڏيل هجي ته پوءِ اها حڪومت ڌر ڪيئن نه آهي؟
سنڌ جي بادشاهه حڪمرانن جو هڪڙي بيان کان پوءِ وري ٻيو بيان ٿو اچي، مراد علي شاهه ڪٿي پيا ٺهن ڪئنال؟ ڪهڙا ڪئنال؟ وارا بيان ڏيئي وري سنڌ اسيمبلي ۾ چولستان ڪئنال خلاف ٺهراءُ منظور ڪرايو ۽ وري نئون انڪشاف ڪيو اٿس، جنهن جو پاڻ مٿي ذڪر ڪيو آهي. صدر زرداري صفا سادو سودو ماڻهو آهي، جنهن کي ڪابه خبر نه پوندي آهي ته صدارتي هائوس ۾ سندس صدارت ۾ ڪي گڏجاڻيون به ٿين ٿيون ۽ انهن جا منٽس به بقول وزير اعلى سنڌ مراد علي شاهه جي ته انهن ۾ ڦير ڦار ڪئي وڃي ٿي. فرض ڪجي ته جيڪڏهن مراد علي شاهه جي بيان کي سچ سمجهجي ته پوءِ هي ملڪ جو صدارتي هائوس ته نه ٿيو! لڳ ڀڳ 9 مهينا صدارتي فيصلي تي هر طرف خاموشي هئي. صدارتي هائوس جي ڪنهن به ذميوار ماڻهو اڄ تائين نه چيو آهي ته 8 جولائي 2024ع وارو فيصلو ۽ صدر جي گڏجاڻي جا منٽس غلط آهن يا انهن ۾ ڦير ڦار ڪئي ويئي آهي. اها خبر 9 مهينن کان پوءِ فقط مراد علي شاهه کي پئي آهي، مراد علي شاهه جي ان بيان کان پوءِ هڪ نئون پينڊورا باڪس کلندو، جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ اها صورتحال انتهائي خطرناڪ آهي. صدارتي هائوس ۾ ڪنهن به خانگي ڪمپني جا ماڻهو اچن ۽ ڪاغذن تي صدارتي هائوس کان ڪوبه فيصلو لکرائي هليا وڃن، ان تي ڇا ڪنهن کي به جهل پل نه هوندي؟
حقيقتن کي لڪائڻ لاءِ سنڌ جا بادشاهه حڪمران ڪوڙ ڳالهائين ٿا. سندن هڪ ڪوڙ عوام جهلي وٺي ٿو ته وري ٻيو ڪوڙ ڳالهائين ٿا، وري ٽيون ڪوڙ ڳالهائين ٿا. جيئن جيئن سنڌي ماڻهن جي احتجاج جو حڪومت مٿان دٻاءُ وڌي ٿو، ائين تيزي سان ڪوڙ ڳالهائين ٿا. مراد علي شاهه جي ڪهڙا ڪئنال؟ ڪٿي پيا ٺهن ڪئنال؟ واري ڳالهه کان پوءِ تازي غلط بياني وري هي ڪئي وئي آهي ته صدارتي گڏجاڻي جي منٽس ۾ ڦير ڦار ڪئي ويئي آهي. حقيقت اها آهي ته مراد علي شاهه کان سندس پريس ڪانفرنس دوران هڪ صحافي سوال ڪرڻ کان اڳ پنهنجي ڳالهه پيش ڪئي، صحافي چيو ته هڪ چور ويو مسجد مان جوتا چورائڻ پر کيس نمازين جهلي ورتو ۽ چور پنهنجي جان ڇڏائڻ لاءِ چوڻ لڳو ته آئون جوتا چورائڻ نه آيو آهيان پر نماز پڙهڻ آيو آهيان. پيپلز پارٽي جي بادشاهه قيادت به جيڪي سنڌ دشمن فيصلا ڪيا آهن، انهن فيصلن ڪرڻ تي پيپلز پارٽي جي قيادت کي سنڌ جي عوام سڳ سوڌو سوگهو ڪري ورتو آهي. هاڻي پيپلز پارٽي جي قيادت مسجد مان جوتا چوري ڪندڙ چور وارو موقف اختيار ڪيو آهي ته صدارتي هائوس ۾ ويٺل صدر زرداري ڪئنالن لاءِ فيصلو نه ڪيو آهي. سندس گڏجاڻي جي منٽس ۾ ڦير ڦار ڪئي ويئي آهي. ڪئنال ڪونه پيا ٺهن، اسان وفاقي حڪومت ۾ شامل نه آهيون. ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن تي صدر زرداري صحي به ڪري ٿو ۽ وري ان کان انڪاري به آهن. ڪئنالن خلاف پيپلز پارٽي احتجاجي مظاهرا ڪري ٿي ۽ جڏهن نعرا هڻائيندڙ “ڪئنالن جا حامي، سڀ ….” جا نعرا هڻائين ٿا ته مظاهري ۾ موجود پيپلز پارٽي جي قيادت روڪي ٿي ته اهي نعرا نه هڻايو. مظاهرن ۾ ڪجهه ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جذباتي تقريرون ڪن ٿا ۽ ڪلاڪ کان پوءِ فيس بڪ تي اچي اردو ۾ معافيون وٺن ٿا ته اسان جي چوڻ جو مطلب اهو نه هو.
هن پاڻي واري جدوجهد ۾ سنڌ جي ماڻهن جيڪو ٻڌي ۽ ايڪي جو مثال قائم ڪيو آهي، اهو تمام گهڻو ساراهه جوڳو آهي. ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف هن تحريڪ جا اڳواڻ به ۽ ڪارڪن به سنڌ جا معصوم ٻارڙا، شاگرد، استاد، وڪيل، صحافي، سياسي، سماجي ڪارڪن، هاري، مزدور، اديب ۽ شاعر آهن. سنڌي ماڻهن جي هن گڏيل جدوجهد سان سڀني ماڻهن جا ڳاٽ اوچا ٿيا آهن، حڪمران ۽ سندن سهولتڪار اسٽيبلشمينٽ جي منهن تان نقاب لٿو آهي. جنهن طريقي سان هي جدوجهد هلي پئي، ان ئي طريقي سان هن جدوجهد کي اڃا وڌيڪ جهر جهنگ ۾ تيز ڪجي. هن جدوجهد کي ڪنهن به مير، پير، سردار، سيد، رئيس، جاگيردار، گادي نشين جي حوالي نه ڪجي. هن عوامي جدوجهد تي قبضو ڪرڻ لاءِ ڪرسي جي پوڄارين جا ڳجهن وانگر لامارا آهن. دشمن کان هر وقت هوشيار رهجي. هي ئي جدوجهد آهي جيڪا ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جهڙن ملڪ ۽ سنڌ دشمن فيصلن تان حڪمرانن کي پٺتي هٽڻ تي مجبور ڪندي.