گفتگو -گفتگو … هيترا ڪارا باب نظرانداز ٿي ويا؟

0
254
گفتگو -گفتگو ... هيترا ڪارا باب نظرانداز ٿي ويا؟

 بيان جاري ٿيو آهي ته 9 مئي 2023ع ملڪ جو ڪارو باب آهي، اهو باب ڪنهن لکيو؟ ان تي گهڻو ڪجهه ڳالهايو ۽ لکيو ويو آهي ۽ اڃا گهڻو ڪجهه ڳالهايو ۽ لکيو ويندو. ان ڪاري باب لکندڙن جا پيرا کڻبا ته خبر پوندي ته “گهر ڪو آگ لگ گئي، گهر ڪي چراغ سي”. گذريل ستر سالن کان وٺي ان باهه ڇا ڇا ساڙي رک ڪري ڇڏيو آهي، ان جو هڪ ڊگهو داستان آهي. ڪيترائي ڪتاب لکجي چڪا آهن. ملڪ جي وجود ۾ اچڻ جي پهرئين ڏينهن هن باهه ۾ ملڪ جي ضامن 1940ع جي قرارداد، جنهن جي بنياد تي هن ملڪ جو وجود پيو هو، ان کي ساڙي خاڪ ڪيو ويو. ان باهه ۾ اعتماد، ڀروسي، برابري، روادري، انصاف، ترقي، روشن خيالي، مالڪيءَ واري احساس کي ساڙي بسم ڪيو ويو. ٿوري ئي وقت کان پوءِ ملڪ ٽُٽي ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. اڄ تائين ائين نه چيو ويو آهي ته 1971ع ۾ جنهن ڏينهن هي ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو، اهو ڏينهن تاريخ جو ڪارو باب هو. ڪا پرواهه، ڪو فڪر، ڪا ڳڻتي، ڪا پشيماني، ڪا ندامت، ڪا معافي تلافي نه ٿي. ڪو هن هيڏي وڏي واقعي مان تاريخي سبق حاصل ڪرڻ ۽ پوءِ وري باهه کي وسائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ ڪجهه به نه ٿيو، ويتر اڃا به باهه تي تيل هاري ان کي وڌيڪ ڀڙڪايو ويو، جنهن جا ڀڙڪندڙ شعلا اڄ سڄي ملڪ سميت سموري دنيا ڏسي رهي آهي.7  آڪٽوبر 1958ع تي ملڪ جي پهرئين صدر جنرل اسڪندر مرزا آئين معطل ڪري، اسيمبلين کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ سياسي جماعتن تي پابندي مڙهي، ملڪ ۾ پهرين مارشل لا لاڳو ڪئي ۽ جنرل ايوب خان کي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو. اڄ ڏينهن تائين ملڪ ۾ لاڳو ڪيل ان پهرين مارشل لا جي نه مذمت ڪئي ويئي ۽ نه ئي وري 7 آڪٽوبر کي ڪارو باب قرار ڏنو ويو. 14 آڪٽوبر 1955ع تي ون يونٽ قائم ڪري ملڪ کي وجود ڏيندڙ قومن کان پنهنجي سڃاڻپ کسي ويئي، مادري ٻولين تي بندش مڙهي ويئي، هي ڪارو دؤر پهرين جولائي 1970ع تائين 15 سال مسلسل جاري رهيو، 14 آڪٽوبر وارو اهو ڏينهن به هنن لاءِ ڪارو باب نه هو.5 جولاءِ 1977ع تي جنرل ضياءَ چونڊيل وزير اعظم ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت ختم ڪري مارشل لا مڙهي. هنن لاءِ 5 جولاءِ وارو ڏينهن به ڪارو باب نه آهي. هڪڙي ڪوڙي ڪيس ۾ ملڪ جي چونڊيل وزير اعظم ذوالفقار علي ڀُٽي کي عدالت ذريعي 4 اپريل تي ڦاسي تي لٽڪائي شهيد ڪيو ويو. رات جي اونداهيءَ ۾ ان جو لاش لاڙڪاڻي ۾ نئون ديرو موڪليو ويو، اهو 4 اپريل 1979ع وارو ڏينهن به هنن لاءِ ڪارو باب نه هو. جيتوڻيڪ ان کان پوءِ خود ذوالفقار علي ڀُٽي جي پارٽي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا وفاق ۾ حڪومت ۾ رهي، بينظير ڀٽو سميت پيپلز پارٽي جا ٻيا اڳواڻ وزير اعظم ۽ صدر به ٿيا، پر ذوالفقار علي ڀُٽي جي قتل جو ڪوبه تدارڪ نه ٿيو، نه ئي ان جي اصل قاتلن کي سزائون ڏيارڻ لاءِ ڪي ڪوششون ورتيون ويون. آمر ضياءَ جي 11 سالن جو مارشل لا وارو دؤر هڪ هڪ ڏينهن ڪارو باب آهي. هڪ هڪ ڏينهن ۽ هڪ هڪ رات ماڻهن سان عقوبتون ڪيون ويون. تحرير ۽ تقرير جو حق کسيو ويو، اخبارن ۽ رسالن تي بندش وڌي ويئي، صحافين، اديبن، دانشورن، سياسي قيادت کي گرفتار ڪيو ويو، تشدد ڪيو ويو، ڪوڙا هنيا ويا، مردن ۽ عورتن کي جيلن ۾ واڙيو ويو، جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ احتجاج ڪندڙن تي گوليون هلايون ويون، ماڻهن کي قتل ڪيو ويو.17  جنوري 1987ع تي عوامي تحريڪ جي قائد رسول بخش پليجي صاحب جي ساٿي، هارين جي انقلابي اڳواڻ ۽ ايم آر ڊي تحريڪ جي سرواڻ شهيد فاصل راهو کي گولاڙچي جي شهر ۾ قتل ڪيو ويو. اهو 17 جنوري وارو دردناڪ ڏينهن به هنن لاءِ ڪارو باب نه آهي. 9 آگسٽ 1980ع تي کاٻي ڌر جي اڳواڻ ڪامريڊ شهيد نظير عباسي کي جنرل ضياءَ جي دور ۾ ٽارچر سيل ۾ تشدد ڪري بي دردي سان قتل ڪيو ويو، اهو 9 آگسٽ وارو ڏينهن به هنن لاءِ ڪارو باب نه آهي. جنرل ضياءَ جي سڄي مارشل لا واري دؤر ۾ اهو سڀ ڪجهه ٿيندو رهيو، جيڪو پوءِ وري جنرل مشرف ۽ عمران خان جي دؤر حڪومت ۾ ٿيندو رهيو. من پسند ججن جي مقرري کان وٺي عدالتن کان پنهنجا من پسند فيصلا وٺڻ، مخالفن خلاف انتقامي ڪارروايون ڪرڻ، ملڪ ۾ شامل قوم جي وسيلن خاص ڪري سنڌ جي پاڻي، زمينن، روزگار ۽ شهرن تي قبضا ڪرڻ، افغانين، بهارين، بنگالين، برمين، تاجڪن، هندستانين ۽ ٻين ڌارين کي شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائل ڏيئي سنڌ جي سيني مٿان قابض ڪرڻ، سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪري ڇڏڻ، مهانگائي، اسملنگ، منشيات ۽ غير قانون هٿيارن جو وڪرو عروج تي رهيو.12 آڪٽوبر 1999ع تي جنرل پرويز مشرف ملڪ جي چونڊيل وزير اعظم ميان نواز شريف کي برطرف ڪري پاڻ اچي 9 سال اقتداري ڪرسي تي ويهي رهيو، اهو 12 آڪٽوبر وارو ڏينهن به هنن لاءِ ڪارو باب ناهي. جنرل پرويز مشرف ججن کان ٻه ڀيرا پي سي او تحت قسم کڻايو، پهريون ڀيرو جنوري 2000ع ۾ ۽ ٻيو ڀيرو 3 نومبر 2007ع ۾. 3 نومبر تي جنرل مشرف ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي، جنهن کي ايمرجنسي پلس جو نالو ڏنو ويو. جنرل مشرف پاڻ کي چونڊرائڻ لاءِ 2001ع ۾ ريفرنڊم ڪرايو. 17 آڪٽوبر 1999ع تي نيشنل سيڪيورٽي جو اعلان ڪيو ۽ ان کي آئين جو حصو بڻايو. جنرل مشرف پنهنجي حڪومتي دؤر ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري کي برطرف ڪيو ۽ ان جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ ۾ وڪيلن جي سگهاري جدوجهد هلي.12 مئي 2007ع تي، جڏهن سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري اسلام آباد کان جهاز ذريعي ڪراچي آيو ته ان جو استقبال ڪندڙ ڪيترن ئي سياسي پارٽي جي ڪارڪنن کي جنرل مشرف جي اتحادي ڌر ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن سڌي طرح گوليون وسائي قتل ڪيو، جنهن ۾ اي اين پي، پيپلز پارٽي، عوامي تحريڪ ۽ ٻين پارٽين جا ڪارڪنن شامل هئا. اڄ ڏينهن تائين 12 مئي جي قتل عام تي ڪوبه افسوس نه ڪيو ويو ۽ نه ئي ان ڏينهن کي ڪارو باب چيو ويو. 26 آگسٽ 2006ع تي بلوچستان جمهوري پارٽي جي 80 سالن جي بزرگ قومپرست اڳواڻ نواب اڪبر بگٽي کي شهيد ڪيو ويو، ان 26 آگسٽ واري ڏينهن کي به ڪارو باب نه چيو ويو. 18 آڪٽوبر 2007ع تي بينظير ڀٽو ملڪ آئي ۽ ڪراچي ۾ هڪ وڏي ريلي جي اڳواڻي ڪئي، ڪارساز وٽ ريلي تي ڌماڪو ڪرايو ويو، جنهن ۾ ڪيترائي ڪارڪن شهيد ٿي ويا، ان 18 آڪٽوبر کي به ڪارو باب قرار نه ڏنو ويو. 27 ڊسمبر 2027ع تي بينظير ڀٽو راولپنڊي ۾ جلسي ڪرڻ کان پوءِ واپس پنهنجي گاڏيءَ ۾ رواني ٿي ته ان مٿان قاتلاڻو حملو ڪيو ويو، بينظير ڀٽو شهيد ٿي ويئي. اهو 27 ڊسمبر جو ڪارو ڏينهن به هنن لاءِ ڪارو باب نه آهي. ملڪي تاريخ ڪارن بابن سان ڀري پئي آهي. بشير خان قريشي کان وٺي مقصود قريشي، زهره شاهد، پروين رحمان، سبين محمود قتل ڪيا ويا. 9 اپريل تي ڪراچي ۾ ڪيميڪل هاري جيئرو وڪيلن کي ساڙيو ويو، 22 مئي تي لياري کان نڪرندر ريلي تي دهشتگردن فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ عوامي تحريڪ جا ڪارڪن عبدالستار انڙ، اعجاز ڪلمتي، برادي ڪلمتي، شبير بليدي ۽ ٻين کي قتل ڪيو ويو. نشتر پارڪ، عباس ٽائون، بلديا فيڪٽري اهي سمورا واقعا ڪارا باب آهن، پر اهي صرف اسان عام ماڻهن لاءِ آهن ۽ خاص ماڻهن لاءِ 9 مئي 2023ع جو ڏينهن ڪارو باب آهي.

[email protected]