گفتار ڏنگي … اٽي جو ڪٽو ۽ سيلفي

0
89
گفتار ڏنگي ... اٽي جو ڪٽو ۽ سيلفي

اٽي جي ڪَٽي سان گڏ  سوشل ميڊيا تي هڪ همراهه نئين سال جي پهرين سيلفي ڇا رکي، آڱوٺو ڏيکارڻ (لائيڪ) ۽  ڪمينٽس جو مِينهن وسي ويو. اڌ ڪلاڪ اندر هڪ هزار آڱوٺا ۽ 8 سئو کان وڌيڪ ڪمينٽس اچي ويا. جيئن ماڻهو چوٿين شادي ڪندڙ پوڙهي گهوٽ کان حڪيم جو نالو پڇندو آهي، تيئن ان کان به سوال شروع ٿي ويا. اٽو ڪهڙي هَٽَ تان ورتو اٿئي؟ اهو دُڪاندار آهي ڪٿي؟ هڪ ساڙ سڙيلي بکايل زائفان ڪمينٽ ڪيو ته، “پڪ سان چورايو هوندئي! منهن مان ئي کاٽڙيو ٿو لڳين.” هڪڙي ڪمينٽ ڪيو ته، “ڇورا ڇوريون پاسي ٿيو، اٽو پيو اچي!” هڪڙي ڇوڪري ڪمينٽ ڪيو ته، “ماما، هڪ چپٽي مونکي به ڏجانءِ! پر اها چپٽي مولانا جي 130 فوٽن واري حور جي هٿ جي هجي.” هڪڙي همراهه ته ڪمينٽ ۾ هڪ کڙپيل وزير سان سرڪاري اٽي جي ٻورين سان گڏ نڪتل فوٽو شيئر ڪيو، جنهن جو ڪئپشن هو؛ “اٽو ۽ گهوٻاٽو.” اٽو سُک ۽ سُڪار جو اهڃاڻ ۽ گهوٻاٽو ان جو ضد آهي. جنهن ضد جو مون ذڪر ڪيو آهي، اهو گرامر وارو ضد آهي، نه ته جنهن پاسي گهوٻاٽو هوندو آهي، اٽو به ان ئي پاسي هوندو آهي. جنهن کي گهوٻاٽي جو پتو ملي ويو، ان کي اٽي جو به ڏس ملي ويندو. اٽي مان مراد آهي 65 روپيا ڪلو وارو سرڪاري اٽو. ڪالهه مون هڪ اهڙي عظيم انقلابيءَ کي به سرڪاري اٽي جو ڏس پتو پڇندي ڏٺو، جنهن جو چوڻ آهي ته کيس سرڪاري فنڪشنز ۽ ميلن جهميلن کان چڙ آهي. مان پڻ اٽي جو ديوانو ڪيل دانا آهيان. مائي گوگل کان پڇيم ته سرڪاري اٽو ڪٿان ٿو ملي؟ وراڻيائين ته، “آئون ته اعلان ڪندڙ کي پئي ڳوليان. اهو ڪير آهي؟” چيم؛ “مڌ کي ماکيءَ ۾ بدلائيندڙ سائنسدان. سنڌ کي اهو فخر آهي ته ان وٽ به ڊاڪٽر سيد وڏل شاهه کان پوءِ مس مس ڪو عظيم سائنسدان پيدا ٿيو آهي.” چيائين، “اهو ته ڪو ڪمال آهي ئي ڪونه! رڳو اکرن ۾ اڙيا آهيو. نه ته مڌ ۽ ماکي ساڳي شئي آهي. منڌ يا مڌ معنيٰ ماکي ۽ هنديءَ ۾ ته مڌوڪر ماکيءَ جي مک کي چئبو آهي. مون حيران ٿيندي، رڙ ڪري چيو؛

You too, Google?!!”   ”

شهر ۾ رهندڙ ڪنهن ٻار کان پڇبو ته، “آنو  (بيضو) ڪٿان ٿو اچي؟” ته جواب ڏيندو ته، “سپر اسٽور تان.” فرانس جي راڻي ميري اينٽونيٽ کي ڪهڙي خبر ته ڪيڪ ڇا مان ٿو ٺهي! تڏهن ته ان فرانس جي عوام کي چيو ته، اٽو ناهي ته ڪيڪ کائو! پاڪستان جي سياستدانن کي خبر آهي ته، تصوراتي پکي هُما جي پاڇي پوڻ سان نه پر اقتدار جي اپسرا گيٽ نمبر چار کان اچي ٿي. اها خبر عوام کي طاقت جو سرچشمو سمجهندڙن (منشور جي حد تائين) کي به آهي. ان ڪري اهي سياستدان پاڻ کي عوام ڏانهن جوابده ڇو سمجهن؟ باقي عوام کي ڏکيو ۽ بکيو رکي انهن اها ذهنيت جوڙي آهي ته، عوام جي غربت ۽ بک جو ‘تدارڪ’ صرف 65 روپيا ڪلو واري سرڪاري اٽي واري لالي پاپ سان ئي ڪرڻو آهي.

سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته، “اَن، ته ايمان.” يا “اَن آهي ته ايمان آهي.” مطلب ته، “اَن ميسر ته ايمان سلامت.” هڪ بکئي پيٽ واري شخص لاءِ ته ٻاجهاري کان به وڏي وٿ ٻاجهري آهي. اَنَ جي اڻاٺ ڇَٽَ، پَٽَن سان هڻائيندي رهي آهي. دانائي ۽ ڏاهپ به اَنَ سان قائم آهي، نه ته ‘بک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري.” جمالياتي حِس جو مدار به مانيءَ تي آهي. ڍءُ بنان سونهن جي ساڃهه نٿي رهي. حڪمرانن اهو سمجهي ورتو آهي ته، بک شينهن کي به هنٽر تي هلڻ تي مجبور ڪري ٿي. انهن سياستدانن جو مثال پکي پاليندڙ هڪ اهڙي شخص جهڙو آهي، جيڪو پڃري جو در کولي پکي اُڏائي ڇڏيندو آهي، پر پکي ڪجهه دير ۾ واپس پڃري ۾ موٽي ايندا آهن. پڃري جو در کولڻ کان اڳ هو پکين کي بکيو رکندو آهي. جڏهن پکي خالي پيٽ اڏامندا آهن ته بک انهن کي ياد ڏياريندي آهي ته، پيٽ ڀرڻ جو سامان، داڻو پاڻي ته پڃري ۾ آهي! ان ڪري اهي واپس پڃري ۾ موٽي ٿا اچن. سرڪاري اٽي واري ڪوڙڪي به ان کان ڪا مختلف ناهي. اٽو انساني جيئاپي جو بنيادي اسم آهي. عوام کي سستي اٽي جي فراهمي حڪمرانن جي ذميواري آهي. ان کي به سرڪاري ۽ غير سرڪاري ڪئٽيگرين ۾ ورهائڻ نه صرف ڀُوڪپائي پر عوام کي ووٽ بئنڪ واري پڃري ۾ ڦاسائي رکڻ آهي. اٽي ۽ ڊالر جي اڏام ۽ ملڪ جي الهندين سرحدن جي ‘پتڻ’ ٽپڻ جو مقابلو جاري آهي. ‘پتڻ’ ٽپائيندڙ ‘پاتڻي’ نيوٽرل هجڻ واري اعلان باوجود  اڳ کان اڳرا آهن.  عوام نڌڻڪو بڻيل آهي. کاٻڙوٽي پوسٽ مارڊرن ازم بابت بحث کان واندا ناهن. اليڪشني سياست ڪندڙ قومپرستن جي ڊي اي کي ڳراٽي پاتي آهي ۽ متبادل جي جنم لاءِ سياست جي ميٽرنٽي هوم جي ليبر روم ۾ آهن ۽ چون ٿا ته، قوم کي جلد ولادت باسعادت جون کيرون ملنديون. عوام جو ڌيان اصل مسئلن تان هٽائڻ لاءِ روز نيون نيون شعبديبازيون جاري آهن. عوام کي آڊيوز ۽ وڊيوز جي وندر مهيا ڪئي پئي وڃي. ملڪ بنگلي سان لڳي چڪو آهي، پر حڪمرانن کي پرواهه ناهي. عوام جي نجات صرف ان ۾ آهي ته، اهي اٿي کڙا ٿين. موت جي سوداگرن مان نجات صرف تڏهن ملندي، جڏهن ملڪ مڙيوئي التحرير اسڪوائر بڻجندو. التحرير اسڪوائر قاهره تاريخي جدوجهد صرف ارڙهن ڏينهن ۾  (25 جنوري 2011ع کان 11 فيبروري 2011ع تائين) حسني مبارڪ کي گوڏا کوڙائي ڇڏيا. ان تحريڪ ۾  مک ڌارا واري سياسي قيادت بدران عوام پنهنجي قيادت پاڻ ڪئي. سوشل ميڊيا ايڪٽيوسٽس، ڳائڻن ۽ ڳاڻين، مطلب ته فائن آرٽس جي سمورن شعبن جي ماڻهن ۽ صحافين ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. اسان ڇَٽَ، پَٽَن سان هڻڻ واري جدوجهد ڪرڻ بدران رڳو اهو سوچيندا رهياسين ته ٻليءَ جي ڪنڌ ۾ گهنڊڻي ڪير ٻڌندو؟ ته پوءِ سرڪاري اٽي جي ٿيلهي لاءِ اسان جو تذليل- تماشو ٿيندو رهندو. رڇ ۽ ڪتي جي شوقين ڀوتارن جي حيواني جبلت جو کاڄ ڪئين انساني حياتيون ٿينديون رهنديون.