لاهور (اسپورٽس نيوز) نئين سال جي پهرين ٽريننگ سيشن ۾ جڏهن پاڪستاني اسٽار بيٽر بابر اعظم نيٽس ۾ پهتو سندس هٿ ۾ گري نڪلس جي بيٽ نه هئي جنهن سندس پرستارن کي حيران ڪري ڇڏيو. بابر اعظم سال 2020ع کان 150 ورهين کان راندين جو سامان ٺاهيندڙ برطانوي ڪمپني گري نڪلس جو برانڊ ايمبيسڊر رهيو. ويجهڙائي ۾ گري نڪلس بابر اعظم کي “فيب فور” يعني پنهنجي بيٽ استعمال ڪندڙ چئن بهترين رانديگرن جي فهرست ۾ شامل ڪيو هو. پر هاڻي سوشل ميڊيا تي هڪ بيان ۾ گري نڪلس بابر جي هڪ تصوير پوسٽ ڪئي ۽ ڪيپشن ۾ لکيو ته “ڪاش اسان کي اها خبر هجي ها ته اوهان سٺا ڏينهن گذاري رهيا آهيو، اسان کي ڇڏڻ کان اڳ.” گري نڪلس جي ويب سائيٽ موجب، “بابر اعظم پليئرز ايڊيشن بيٽ” جي قيمت اڍائي لک رپين کان وڌيڪ هئي. هاڻي بابر اعظم ڪهڙي بيٽ استعمال ڪري رهيو آهي؟ سي اي سپورٽس موجب، هاڻي بابر اعظم”سي اي 56“ نالي بيٽ استعمال ڪري رهيو آهي، يعني ڏکڻ آفريڪا خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ هو ان بيٽ سان ميدان تي لهندو. رپورٽ موجب، سيالڪوٽ ۾ قائم سي اي سپورٽس بابر اعظم جي نئين بيٽ جا ٽي ايڊيشن جاري ڪيا آهن، جن مان ”ڪنگ ايڊيشن“ سڀ کان مهانگو آهي، ڇو ته اِها ”گريڊ ون پلس انگلش ويلو“ جي بيٽ آهي، جڏهن ته باقي ٻئي گريڊ ون انگلش ويلو مان تيار ڪيون ويون آهن. انهن بيٽن ۾ سائي رنگ جو ٿيم ۽ بابر اعظم جي جرسي جو نمبر 56 استعمال ڪيو ويو آهي. بابر اعظم لاءِ ٺاهيل انهن خاص بيٽن جو وزن 2.5 کان 2.8 پائونڊ تائين آهي. بابر اعظم ايڊيشن ۾ مختلف وزن ۽ جوڙجڪ واريون بيٽون آهن، جن جي قيمت 95 هزار کان وٺي هڪ لک 60 هزار رپين تائين آهي. ٻئي پاسي بابر اعظم جي مداحن سوشل ميڊيا تي اها اميد ظاهر ڪئي آهي ته نئون سال سندس فارم ۾ سڌارو آڻيندو ۽ ٿي سگهي ٿو ته مقامي برانڊ هن لاءِ سٺو سنئوڻ ثابت ٿئي. وقار نالي هڪ واهپيدار لکيو ته بابر اعظم گري نڪلس جي بيٽ سان 14 سينچريون ۽ 47 ففٽيون اسڪور ڪيون ۽ ون ڊي ۾ نمبر ون بيٽر بڻيو، اميد آهي ته هو سي اي جي بيٽ سان ٽيسٽ ۾ نمبر هڪ بيٽر بڻجي ڏيکاريندو. ان کانسواءِ سوشل ميڊيا تي اِهي افواهه پڻ گردش ڪري رهيا آهن ته بيٽ اسپانسر جي تبديلي حقيقت ۾بابر جي خراب فارم جو نتيجو آهي. ياد رهي ته 2024 دوران بابر ڪنهن به فارميٽ ۾ ڪا به سينچري نه ٺاهي هئي. پر صحافي فريد خان ان تاثر کي رد ڪندي چيو ته ” بابر اعظم پاڻ گري نڪلس کي ڇڏي ڏنو آهي.“ جڏهن ته هڪ واهپيدار طنزيه انداز ۾ لکيو ته ”بيٽ تي اسٽيڪر مٽائڻ سان بابر اعظم برائن لارا نه بڻجي ويندو.“