ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي طلب، گريڊ 5 کان 15 تائين ڀرتين، ڪراچي ۾ رينجرز جي مقرري ۾ واڌ سميت مختلف معاملن جي منظوري ورتي ويندي. ان ڏس ۾ سنڌ ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي جمعي تي صبح ساڍا 9 وڳي وڏي وزير سيد مراد شاھ جي صدارت هيٺ ٿيندو. جنهن ۾ سنڌ جي سرڪاري کاتن ۾ گريڊ 5 کان 15 تائين نوڪريون ڏيڻ لاءِ آءِ بي اي سکر ذريعي ٽيسٽ وٺڻ، رينجرز جي ڪراچي ۾ مقرري ۾ واڌ ڪرڻ، فوتي ڪوٽا جون نوڪريون ڏيڻ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ۽  تعليمي بورڊز جي قانون ۾ ترميمون ڪرڻ جي منظوري ڏني ويندي. اجلاس ۾ ٻين معاملن تي به غور ويچار ڪيو ويندو.