ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران هڪ کان 15 گريڊ وارين سرڪاري نوڪرين لاءِ اميدوارن کان ٻيهر آءِ بي اي جي انتظامن هيٺ ٽيسٽ وٺڻ واري اعلان بعد اميدوارن ڪراچي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، اميدوارن وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جن کي پوليس ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ورتو. ڊي سي سان ڳالهين بعد احتجاج ختم ڪيو ويو. ان موقعي تي اميدوارن جي اڳواڻ نعيم الله مهر ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سرڪاري نوڪرين لاءِ 2 لک کان وڌيڪ اميدوارن آءِ بي اي ٽيسٽ ڏني هئي، هاڻي وري هڪ کان 15 گريڊ جي سرڪاري نوڪرين لاءِ ٻيهر ٽيسٽ وٺي ناجائزي ڪئي پئي. هنن چيو ته ٽيسٽ نتيجن جي بحالي تائين احتجاجي تحريڪ جاري رهندي. پوليس پاران ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ تي مظاهرين چيو ته هڪ پاسي هڪ سياسي جماعت کي گورنر هائوس جي گيٽ تي احتجاج جي اجازت ڏني وئي آهي ته ٻئي طرف پرامن نوجوانن لاءِ پوليس نفري طلب ڪئي وئي آهي، هنن چيو ته سنڌ ۾ ٻٽو معيار نه هلندو، قلم 144 رڳو نوجوانن لاءِ ڇو لاڳو ڪيو ويو آهي؟ ان موقعي تي ڊي سي سائوٿ الطاف ساريو مظاهرين سان ڳالهيون ڪري سندن جائز مسئلا حڪومت تائين پهچائڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد احتجاج ختم ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته حڪومت پنهنجي ٻيهر ٽيسٽ واري فيصلي تي نظرثاني ڪري نوجوانن کي روزگار ڏي ٻي صورت 9 آگسٽ تي سنڌ جي سمورن ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ احتجاج ريڪارڊ ڪرايو ويندو.