سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر 2023ع ۾ سنڌ حڪومت جي جوڙيل پاليسي تحت ڀرتين وارو عمل مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت گريڊ هڪ کان 4 تائين ۽ 5 کان 15 تائين جون نوڪريون سرڪار جي جوڙيل ايس او پيز تحت ڏيڻ جو حڪم ڏنو، عدالت ۾ مس اقرا طرفان وڪيل معرفت داخل درخواست جي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ذوالفقار احمد خان ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي مشتمل بينچ لکت ۾ آرڊر جاري ڪري ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ 2023 تحت ڏنل فيصلي تي ڀرتين ڪرڻ جو حڪم ڏيندي درخواست اڪلائي ڇڏي،  40 سيڪڙو کان گهٽ مارڪون کڻندڙ اميدوار انٽرويو جي اهل نه هوندا، 40 ۽ ان کان مٿي مارڪون کڻندڙ اميدوار انٽرويو ۾ شامل ٿي سگهندا، سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل کاتو گريڊ 16 ۽ ان کان مٿي خالي جاين لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن يا ڪميشن ذريعي ڀرتين ڪرڻ جو پابند هوندو، جوڙيل پاليسي موجب نوڪرين جي تقسيم جنرل ڪيٽيگري ۽ مخصوص ڪوٽا تحت ڪئي ويندي، جنهن ۾ عورتن جي لاءِ ڪوٽا وڌائي 15 سيڪڙو، اقليتن جي ڪوٽا 5 سيڪڙو، معذورن جي ڪوٽا 5 سيڪڙو آهي، شهري علائقن جي نوڪرين جي ڪوٽا 40 سيڪڙو ۽ ٻهراڙي وارن علائقن جي نوڪرين لاءِ ڪوٽا 60 سيڪڙو ڪرڻ سان گڏ سختي سان عمل ڪيو ويندو، پاليسي موجب اميدوار لاءِ 20 مارڪون تعليمي قابيلت، 30 مارڪون انٽرويو، جنرل ناليج ۽ لاڳاپيل سبجيڪٽ جون به مارڪون شامل ڪيون وينديون، ڀرتيون ڪرڻ لاءِ اخبارن ۾ اشتهار ڏيڻ سان گڏ گهربل ضرورتون پوريون ڪرڻيون پونديون، عمر جي رعايت سرڪار پاران پاليسي تحت هوندي، سنڌ حڪومت پاران ڊپارٽمينٽل سليڪشن ڪاميٽيز جوڙيون وينديون جيڪي عمل کي مڪمل ڪنديون ۽ انٽرويو وٺڻ جي طريقڪار سان گڏ انهن جي لسٽ کي لڳائڻ لاءِ پابند هونديون، ڪاميٽي اميدوارن جي ذاتي تفصيلن جو صحيح ذڪر ڪندي هر اميدوار جي انٽرويو جا نشان هڪ الڳ انٽرويو اسسمينٽ شيٽ رڪارڊ تي رکندي، ڪاميٽي مجموعي نمبرن جي ڳڻپ ڪندي ۽ اميدوارن جي عام ميرٽ لسٽ تيار ڪندي، ڪاميٽي انٽرويو جي مڪمل ٿيڻ جي ٻن هفتن اندر اٿارٽي کي انٽرويو وٺندڙ سمورن اميدوارن جي حتمي ميرٽ لسٽ ۽ انفرادي انٽرويو جي جائزي واري شيٽ سميت پنهنجون سفارشون پيش ڪندي، جنهن بعد لاڳاپيل ڪاميٽي تعيلمي سرٽيفڪيٽ، ڊوميسائل، پي آر سي، شناختي ڪارڊ ۽ ٻين ڪاغذن جي تصديق ڪندي، حڪومت پاران لڳايل پابندي واري عرصي دوران ڪا به ڀرٿي نه ڪئي ويندي، ٽيڪنيڪل پوسٽن لاءِ جنرل اسڪريننگ ٽيسٽ انتظامي ڊپارٽمينٽ جيڪو گريڊ  5 کان 15 تائين جون پوسٽون رکي ٿو ٽيڪنيڪل يا ماهر ماڻهن لاءِ جن کي لاڳاپيل ڀرتي جي ضابطن تحت مخصوص قابليت تجربو گهربل هجي، انهن کي مقرر ڪيو ويندو. ان کان اڳ ٽيڪنيڪل اسڪريننگ لاءِ سکر آءِ بي اي کي به شامل ڪيو ويندو، اهڙين ٽيڪنيڪل پوسٽن لاءِ مناسب اميدوارن جي مقرري، مجاز اٿارٽي جي منظوري کان پوءِ ڪئي ويندي، ڊپارٽمينٽل سليڪشن ڪاميٽي آفيس پاران اشتهار جي اشاعت کان پوءِ گريڊ 5 کان 15 تائين ڪامياب قرار ڏنل اميدوارن جي گهربل دستاويزن جي ڇنڊڇاڻ، سيبا ٽيسٽنگ سروس سکر پاران ڪامياب قرار ڏنل اميدوارن جا منظم انٽرويو ۽ 40 سيڪڙو کان گهٽ مارڪون کڻندڙ کان انٽرويو نه ورتو ويندو، پاليسي موجب گريڊ هڪ کان 4 تائين انٽرويو ورتا ويندا ۽ گريڊ 5 کان 15 تائين ٽيسٽ سان گڏ انٽرويو ورتا ويندا.