ڪراچي: جنرل مشرف دور ۾ خوشاب، ليه ۽ چڪوال جي 14 لک ايڪڙ ڀڙڀانگ ريگستاني زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ اڏيل فلڊ ڪئنال گريٽر ٿل ڪئنال لاءِ پهرين اپريل کان شروع ٿيل آڳاٽي خريف ۾ ئي پاڻي مختص هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. 91ع واري ٺاھ هيٺ تيار ڪيل ٽين ڊيليز ۾ گريٽر ٿل ڪئنال لاءِ پهرين کان 10 اپريل واري ڏهي ۾ 2600 ڪيوسڪ، 11 کان 20 اپريل واري ڏهي ۾ 3400 ڪيوسڪ ۽ 21 کان 30 اپريل واري ڏهي ۾ 4900 ڪيوسڪ ۽ پهرين کان 10 مئي واري ڏهي ۾ 5400 ڪيوسڪ پاڻي مختص ڪيو ويو آهي. مزي جي ڳالهه اها آهي ته گريٽر ٿل ڪئنال ٺهڻ کان 10 سال اڳ ترتيب ڏنل ٽين ڊيليز ۾ پنجاب جي تڪراري فلڊ ڪئنال لاءِ پاڻي مختص ڪيو ويو هو.