ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) گرين ۽ اورنج لائين /ڏسو صفحو 7 بقايا 14

بس جو آپريشنل ڪنٽرول سنڌ حڪومت حوالي ٿي ويو،  ان حوالي سان ڪالهه گارڊن واري علائقي ۾ واقع آپريشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر  ۾ هڪ تقريب ٿي، جنهن ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته گرين  ۽ اورنج لائين بس سنڌ حڪومت حوالي ٿيڻ پبلڪ ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ کي وڌيڪ منظم ڪرڻ ڏانهن هڪ اهم قدم آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت انهن بس سروسز جي بهتري ۽ پائيداري لاءِ ڀرپور قدم کڻندي ته جيئن شهرين کي بهترين سفري سهولتون فراهم ڪري سگھجن، هن چيو ته حڪومت جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ باقاعده سار سنڀال ذريعي بس سروسز جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوشان آهي. هن چيو ته ڪراچي لاءِ هڪ مربوط ۽ موثر شهري ٽرانزٽ سسٽم قائم ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ بي آر ٽي لائنز کي ٻين پبلڪ ٽرانسپورٽ سسٽمز سان ڳنڍڻ جا منصوبا پڻ جاري آهن.