پاڪستان جي حڪمران طبقي ۽ رياست جي اصل وارثن گذريل ڇاهتر سالن ۾ جيڪي عوام سان ڪوڙ ڳالهايو آهي ۽ ڪوڙا واعدا ڪيا آهن، تننهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. پهرين وزيراعظم لياقت علي خان اعلان ڪيو ته بس آمريڪا اسان کي پنهنجو ڪري ته پوءِ ملڪ ۾ خوشحالي جون نديون وهي وينديون. آمريڪا پنهنجو ڪيو، پر لياقت علي خان اللّه کي پيارو ٿي ويو. فالج جي مريض غلام محمد به هن ملڪ ۽ عوام سان پنهنجي وسان نه گهٽايو. مٿان ڌڻي پاڻ جنرل ايوب خان اچي ٺڪاءُ ڪيو. سندس ڏهن سالن جي حڪومت ۾ پاڪستان ۽ ان جي عوام وڌيڪ عذاب واري زندگي گذاري. جنرل يحييٰ خان ته ملڪ کي ٻه حصا ڪري وڃي سک جو ساهه کنيو. ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سندس پارٽي اوڀر پاڪستان کي الڳ ڪرائڻ ۾ يحييٰ جو ساٿ ڏئي اقتدار حاصل ڪيو. پنجن سالن جي حڪومت ۾ چار سال بلوچستان ۽ تڏهوڪي سرحد صوبي (موجوده ڪي پي ڪي) ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪري ڇڏيائين، سنڌ، بلوچستان، سرحد ۽ پنجاب جي ترقي پسند، قومپرست ۽ جمهوريت پسند سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي جيلن اندر واڙي ڇڏيائين، سوين هزارين سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ قتل ڪيا ويا. پورن پنجن سالن ۾ سوا چار سال آمريڪا جو وڏو اتحادي رهيو ۽ آخر ۾ جڏهن جهيڙو ٿيو ته آمريڪا ضياءَ جي هٿان مڙس کي ڦاهي تي لٽڪائي سک جو ساهه کنيو ۽ هيڏانهن عوام کي هڪ ووٽ جي بدلي ۾ سوشل ازم آڻڻ جا خواب ڏيکاريا ويا ۽ آخر ۾ ”روٽي ڪپڙا ۽ مڪان“ ملڻ جي بجاءِ کسڻ لاءِ عملي قدم کنيا ويا. مٿان وري مم جنرل ضياءَ الحق اچي ويو، جنهن کي اسلام ۽ مسلمانن جو تمام گهڻو فڪر هو، تنهن ڪري آمريڪا جي حڪم ته انهن جي ترقي لاءِ پوري دنيا مان دهشتگرد گڏ ڪري، ملڪ ۾ هيروئن، ڪلاشنڪوف ۽ ڪرپشن جي ڪاروبار کي عروج تي پهچايائين ۽ پاڻ ”هوا“ ۾ خاڪ ٿي ويو ۽ هيڏانهن عوام اڃا ان عذاب ۾ پيو زندگي گهاري. ان کانپوءِ بينظير، نواز شريف ٻه ٻه دفعا آيا، عوام جي ڀلي ۽ بهتري لاءِ وڏا اعلان ڪيائون، پر عملي طور عوام وڏي عذاب کي مُنهن ڏيڻ لڳو. مٿان وري جنرل مشرف اچي ويو. جنرل مشرف سٽي بئنڪ جي اڳوڻي صدر شوڪت عزيز سان گڏجي ملڪ ۾ جنهن قرض، ڪرپشن، مهانگائي ۽ بيروزگاري جو جيڪو هڪ نئون ۽ منفرد بنياد رکيو خيرن سان انهن ٻنهي جي وڃڻ کانپوءِ گذريل پندرنهن سالن ۾ ملڪن انهن شعبن ۾ وڌ کان وڌ ترقي ڪندو نوان رڪارڊ قائم ڪندو پيو اچي. انهن سڀني ملڪي سربراهن پاڪستان ۽ ان جي عوام کي ترقي ۽ خوشحالي جي منزل تي پهچائڻ ۾ پنهنجي وسان گهٽ نه ڪيو، نتيجي ۾ ملڪ ۽ عوام خوشحالي ۽ ترقي نه ماڻي سگهيا پر انهن سان جيڪي گڏ هئا سي امير کان امير ٿي ويا ۽ اهي پاڻ به اميرن کان امير آهن، اڄ انهن جا پُٽ، پوٽا، ڏوهٽا، ڏوهٽيون، ڀاءُ، ڀائٽا ۽ ٻيا رشتيدار ساڳين عهدن ۽ وزارتن تي برجمان ٿيو ويٺا آهن ۽ وري هيڏانهن عوام اهو ساڳئي ئي عذاب ۾ آهي. عوام کي انهن پنجهتر سالن ۾ صرف ئي صرف وڏيون ڳالهيون، ڦوڪون، ٻٽاڪون ۽ ڊاڙون پلئه پيون آهن ۽ خيرن سان هاڻي هڪ نئين ڊاڙ، ڦوڪ يا ٻٽاڪ وري ”اسيپشل انويسٽمينٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل” (ايس آءِ ايف سي) جي روپ ۾ ملي آهي. جنهن ۾ عوام کي ٻڌايو پيو وڃي ته بس توهان جي ترقي ۽ خوشحالي اچڻي هوندي ته ان ۾ ايندي نه ته هميشه جي لاءِ نه ايندي.
اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف وڏي فخر سان پوري قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو ته،”مون کي آرمي چيف جنرل عاصم منير مشورو ڏنو ته زراعت طرف توجهه ڏيڻ گهرجي، جنهن ۾ ملڪ ۽ عوام جي خوشحالي يقيني آهي.“ اها سڄي خوشحالي جنهن لاءِ عوام کي ڇاهتر سال انتظار ڪرڻو پيو ۽ وڏي ڳالهه اهڙو ڪارنامو لياقت علي خان، ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو، نواز شريف، آصف زرداري، عمران خان، جنرل ايوب خان، جنرل يحييٰ خان، جنرل ضياالحق ۽ جنرل مشرف سرانجام نه ڏئي سگهيا ۽ وڏي ڳالهه ته 2011ع تائين دنيا جو اڪيلو طاقتور رهندڙ ملڪ آمريڪا پاڪستان جو پڳ مٽ يار رهيو ۽ هاڻي جڏهن نه آمريڪا پاڪستان جو يار رهيو آهي ۽ نه ئي وري ان جا اتحادي يورپي ملڪ پاڪستان سان سچا رهيا آهن ۽ پاڪستان هڪ سوا ارب ڊالرز قرض جي لاءِ دنيا آڏو هٿ جهليو بيٺو آهي، اهڙي وقت ۾ اسان جي جنرل منير صاحب هڪ معجزو ڪري ”اسيپشل انويسٽمينٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل” (ايس آءِ ايف سي) جو تصور پيش ڪيو آهي. جنهن ۾ مختلف قسم جا پراجيڪٽ شامل آهن. جنهن جي ايپڪس ڪميٽي ۾ آرمي چيف کي هڪ ميمبر طور کنيو ويو آهي ۽ ٻيا فوجي آفيسر ڪميٽي جا ڊائريڪٽر جنرل هوندا. ان ئي ڪائونسل ۾ هڪ شعبو ”ڪارپوريٽ فارمنگ“ جو پڻ آهي. پاڪستان جي معاشي سروي 2023ع جي مطابق پاڪستان جو زرعي شعبو 22 سيڪڙو جي ڊي پي ۽ 37 سيڪڙو ملازمت مهيه ڪري ٿو. پر حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته اهو زرعي شعبو پاڪستان ۾ تقريبن 45 سيڪڙو روزگار مهيا ڪري رهيو آهي.”لينڊ انفارميشن اينڊ مينجمينٽ سسٽم“ جي سربراهه ميجر جنرل شاهد نذير جو چوڻ آهي ته،”سائي پاڪستان کي اسٽرٽيجڪ پراجيڪٽس ۾ شامل ڪيو ويو آهي (پڙهندڙن کي ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ سرخ انقلاب جي جاءِ تي سائو انقلاب اچي ويو آهي جنهن جون ڪوششون 1947ع کان ٿي رهيون هيون) جنهن جي سربراهي آرمي جي ڊائريڪٽر جنرل اسٽريٽجڪ پراجيڪٽس هوندو. ان منصوبي جو مقصد تقريبن هڪ ڪروڙ 72 لک غيرآباد زمين کي زرعي فارمنگ لاءِ استعمال ڪرڻ آهي. ان سان 30 کان 40 ارب ڊالرز جي سرمائيڪاري ٿي سگهندي. سعودي عرب، متحده عرب امارات، قطر، بحرين ۽ چين زرعي منصوبن تي ڪم ڪندا.
هي منصوبو عام پاڪستانين جي زندگي ۾ ڪيتري ۽ ڪهڙي قسم جي خوشحالي آڻيندو، تنهن جو اعتراف ان جي پهرين ۽ شروعاتي پروگرام ۾ ملڪ جي وزيراعظم شهباز شريف (جيڪو هاڻي اڳوڻو وزيراعظم ٿي ويو آهي) ميڊيا جي آڏو عوام کي واضح طرح ٻڌائي ڇڏيو هو ته،”وچ اوڀر جا ملڪ سرمائيڪاري ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن، هُو هتي اچي ناڻو لڳائين، جنسون پيدا ڪن ۽ کڻي وڃن ۽ هي زمين تي هتي رهندي.“ يعني هُو هتي پيسا خرچ ڪندا، ان مان جيڪا ڪمائي ٿيندي اها پاڻ کڻي ويندا ۽ اسان کي مزدوري مس ملندي. هتي سڀ کان وڏو ۽ اهم سوال هي آهي ته هن ملڪ ۾ اڳي ئي پاڻي جي کوٽ آهي، اها کوٽ کڻي پنجاب ۾ نه آهي پر سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ان جي تمام گهڻي کوٽ آهي، جنهن جي ڪري هر فصل مڪمل طور پوکجي نه سگهندو آهي ۽ ڪيتري ايراضي آباد ٿيڻ کان رهجي ويندي آهي. 1950ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان پاڻي جي في ڪس موجودگي 5000 ڪيوبڪ ميٽر هئي ۽ 2018ع ۾ 1000 ڪيوبڪ ميٽر کان به گهٽ ٿي وئي آهي. ڊائون اسٽريم جيڪو اڳي ئي تباهه ٿي چڪو آهي ۽ اتي سال ۾ هڪ دفعو جيڪو ٿورو گهڻو پاڻي ڇڏيو ويندو هو اهو به بند ٿي ويندو ۽ ٻيو ته سنڌ ۽ بلوچستان کي اڳ ۾ ئي پنهنجي آئيني ۽ قانوني حصي کان تمام گهٽ پاڻي ملندو رهيو آهي ۽ هاڻي ته ان ۾ تمام گهڻي کوٽ اچي ويندي ۽ عام هاري ۽ آبادگار پنهنجي زمين آباد ڪرڻ جي بجاءِ ان کي وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندو، سنڌ ۽ بلوچستان جو عوام وڌيڪ غربت ڏانهن ڌڪجي ويندو. وڏي ڳالهه ته جيڪا هڪ ڪروڙ 30 لک ايڪڙ زمين آباد ڪئي ويندي، سرمايو لڳائيندڙ ڪمپنيون ان مان گهڻي کان گهڻي اُپت کڻڻ لاءِ تمام گهڻو ڀاڻ ۽ پاڻي استعمال ڪندا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه سالن جي اندر اها زمين سيلاب جي ور چڙهي ويندي ۽ ايندڙ وقت ۾ اها آبادي جي لائق نه ٿيندي. تنهن ڪري سرمايو لڳائيندڙ نه صرف ڪجهه سالن اندر گهڻو ڪجهه ڪمائي کڻي ويندو ۽ اسان جي عوام جي حالت اها ساڳي ئي رهندي ۽ هيڏانهن زمينون جيڪي هن وقت ڪجهه نه ڪجهه آباد ٿي رهيون آهن ۽ ان تي لکين ماڻهو پنهنجو گذارو ڪري رهيا آهن، سڀاڻي انهن جي گذر جو اهو واحد گس به بند ٿي ويندو. تنهن ڪري عوام کي ان ڳالهه جو احساس رکندي هڪ وڏي ۽ ڊگهي پلاننگ سان ان کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اڳيان اچڻ گهرجي!