پاڪستان موسمي تبديليءَ جي ڪري دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي. اڳ ۾ ئي ماحوليات جي تبديليءَ جي ڪري گرمي پد جي وڌڻ سبب ھر قسم جا جاندار، وڻ ٽڻ گهڻا متاثر ٿيل آهن. پاڻيءَ جي کوٽ آهي. سسٽم ۾ پاڻي موجود ئي نه آهي. ان جي باوجود پنجاب 6 نوان تڪرار ٺاهڻ جي هوڏ تي قائم آهي. 6 ڪئنال ٺهڻ سان سنڌ ڀڙڀانگ ٿي ويندي. 1991ع جي پاڻي ٺاهه تي عمل نه پيو ڪيو وڃي. دنيا ۾ تهذيبن دريائن جي ڪنارن تان جنم ورتو. سنڌوءَ جي شاندا تهذيب جا اسان وارث آهيون ۽ جڏهن ان تهذيب جي وارثن کان دريا کسجي ويو ته نه اها تهذيب رهندي ۽ نه اسان. پ پ ڪينال ٺهڻ خلاف ڪا اثرائتي مزاحمت نه پئي ڪري ۽ وڪيلن جي ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻي ۾ سڄي سنڌ گڏ آهي، جنهن ڪري نه صرف وفاق، نه صرف پنجاب پر پ پ به سخت پريشان آهي. پ پ جي قيادت ڏاهي ڪانگ وانگر ٻه ٽَنگي ڦاسي چڪي آهي ۽ سنڌ جي عوام جي ڪاوڙ جو رخ پنجاب سان گڏ پ پ ڏانهن به آهي. هو گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ کي بنجر بنائڻ چاهين ٿا، دراصل “گرين پاڪستان” جو نالو “گرين پنجاب” ئي آهي.
هن وقت حالت اها آهي ته، سنڌ ۾ پيئڻ لاءِ به پاڻي ناهي. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ناهي، ڊيلٽا ۾ پاڻي ڇڏڻ کي زيان قرار ڏنو پيو وڃي. درياء جو پاڻي سمنڊ ۾ نه پوڻ جي ڪري سمنڊ ڏينھون ڏينهن اڳتي ايندو وڃي. سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آهي. سنڌو درياهه جو پاڻي ڊيلٽا، تمر جي ٻيلن ۽ ماحولياتي نظام جي حياتيءَ جو ضامن آهي. سنڌو درياهه حياتيءَ جي علامت آهي. اهو رڳو هڪ درياهه ناهي، پر ملڪ جي زراعت، معيشت، حياتياتي تنوع ۽ خاص طور تي سنڌ جي سامونڊي علائقن ۾ موجود ڊيلٽا ۽ تمر جي ٻيلن لاءِ هڪ قدرتي نعمت آهي. سنڌو درياهه جو پاڻي انهن علائقن ۾ موجود هڪ نازڪ پر انتهائي اهم ماحولياتي نظام کي سنڀالي ۽ سهارو ڏئي ٿو، جيڪو جيڪڏهن ختم ٿي ويو ته نه رڳو سنڌ پر پوري ملڪ جي معيشت ۽ ماحول کي ناقابلِ تلافي نقصان رسي سگهي ٿو۔ سنڌ جو ڊيلٽا، جيڪو سنڌو درياهه جي پاڻي ۽ سنڌ ساگر جي ملاپ سان وجود ۾ آيو آهي، دنيا جي وڏن ڊيلٽائن مان هڪ آهي. هي علائقو قدرتي طور زرخيز زمين، ناياب جهنگلي جيوت، ۽ سامونڊي خوراڪ جي ذخيري سان ڀرپور آهي. پر گذريل ڪجهه ڏهاڪن دوران ڊيمن ۽ بئراجن ذريعي درياهي پاڻي کي روڪڻ ۽ پنجاب جي طرفان پاڻيءَ تي ڌاڙي جي ڪري ڊيلٽا تائين پهچندڙ پاڻي جو مقدار لڳاتار گهٽجي رهيو آهي.
تمر جا ٻيلا، جيڪي ڊيلٽا جي ماحولياتي نظام جو لازمي حصو آهن. اهي نه رڳو سامونڊي طوفانن کان تحفظ فراهم ڪن ٿا، پر آبي جيوت جيئن ته جھينگا، ڪيڪڙا، ۽ مختلف قسمن جي مڇين جي افزائش لاءِ هڪ محفوظ پناهه گاهه آهن. ان کان علاوه، مينگرووز زمين جي پائڻ کي روڪين ٿا ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪري، موسمي تبديليءَ خلاف قدرتي رڪاوٽ جو ڪم ڪن ٿا۔ بدقسمتيءَ سان سنڌو درياهه جي پاڻيءَ جي ورهاست ۾ ناانصافي، خاص ڪري پنجاب پاران پاڻيءَ جو وڌيڪ استعمال، ڊيلٽا ۽ تمر جي ٻيلن لاءِ هڪ وڏو خطرو بڻجي چڪو آهي. گڏيل قومون ۽ ماحولياتي ماهر بار بار خبردار ڪري چڪا آهن ته جيڪڏهن ڊيلٽا کي هر سال گهٽ ۾ گهٽ 10 کان 15 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي نه ڏنو ويو ته سڄو ماحولياتي نظام تباهه ٿي ويندو. ان سان گڏ، سامونڊي پاڻي آباديءَ وارن علائقن ۾ داخل ٿي زرخيز زمينن کي بنجر بڻائي رهيو آهي، جيڪو مقامي آبادگارن لاءِ انتهائي تباهه ڪن ثابت ٿي رهيو آهي۔ ان ڪري ضروري آهي ته، سنڌو درياهه جي پاڻي جي منصفاڻي ورهاست کي يقيني بڻايو وڃي، ته جيئن ڊيلٽا تائين مناسب مقدار ۾ پاڻي پهچي۔ تمر جي ٻيلن جي تحفظ ۽ بحالي لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن، ۽ مقامي برادرين کي به ان ۾ شامل ڪيو وڃي.
سنڌو درياهه جو پاڻي رڳو هڪ قدرتي وسيلو ناهي، پر سنڌ جي سامونڊي علائقن جي ماڻهن جي زندگي، روزگار ۽ تهذيب سان جڙيل آهي. ڊيلٽا ۽ تمر جي ٻيلن جو تحفظ صرف هڪ ماحولياتي ذميواري ناهي، بلڪه اسان جي قومي بقا جو سوال آهي. اسان کي گڏيل شعور، سياسي عزم ۽ سائنسي حڪمت عملي سان اڳتي وڌڻ کپي ته جيئن ايندڙ نسل به هن قدرتي خزاني مان فائدو وٺي سگهن۔