گرين انيشيٽو پاڪستان پوئين سال آگسٽ ۾ جنهن جو بنياد رکيو ويو، ان مقصد لاءِ ته چولستان ڊيزرٽ جي غيرآباد زمين جتي پاڻي جي فراهمي بالڪل تصور ئي نه ٿي ڪري سگهجي، ان منصوبي تحت ان کي آباد ڪيو وڃي. ھاڻي اتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان غير منطقي ۽ غير قانوني طور جوڙيل منصوبي لاءِ پاڻي ايندو ڪٿان جو ھي بنجر صحرا آباد ٿئي. ھڪ ته اھو منصوبو بلڪل 1991 واري پاڻيءَ ٺاھ جي ڀڃڪڙي آهي. ھن منصوبي جي اڏاوت جو ٻج ان وقت ئي پوکجي چڪو ھو جڏهن 1991 واري ٺاھ م ترميم لا 2024 ۾ لابنگ ٿي، ان وقت ارسا م موجود سنڌ جي ميمبر طرفان مخالفت ڪئي وئي، پر اڪثريت جي ووٽ مطابق ترميمي بل منظور ڪيو ويو، جنهن سان وفاق ۽ پنجاب صوبو ھاڻي باآساني پنهنجي مذموم منصوبي کي سنڌ تي مڙھڻ جي پوزيشن م اچي ويا.
ھن وقت چولستان ڪينال جنهن تي ڪم جي شروعات ٿي چڪي آهي، ان وقت ٻڌايو ويو ته ھي ڪينال سنڌو درياهه مان بنھ نه ٿو ڪڍيو وڃي، پر ستلج ۽ راوي درياھ جي پاڻي سان سيراب ٿيندو. ستلج ۽ راوي درياء 1960 طاس معاھدي تحت پاڪستان، انڊيا کي کپائي چڪو آهي ، جن ۾ پاڻي ھن طرف ان وقت ئي ايندو آهي، جڏهن انڊيا ۾ انھن درياھن تي ٺهيل ڊيمن ۾ ٻوڏ ايندي آهي. انڊيا اضافي پاڻي کي ڇوڙ ڪندو آهي ته جيئن پنهنجي ڪينالن ۽ ڊيمن کي ٻوڏ کان بچائي سگهي.
وفاق ۽ پنجاب م ويٺل آبپاشي ماھرن جي اھا ھڪ عجيب منطق چئجي يا سنڌ سان تعصب پرستي جو 2010 ۽ 2022 جي بنياد تي قائم ڪيل راءِ ته چولستان ڪينال جو مستقل طور پاڻي جو ذريعو سندن سنڌو درياءَ نه پر ستلج ۽ راوي درياءَ ھوندا. ان قسم جي منطق مان صاف ظاهر آهي ته پنجاب نه صرف سنڌو درياھ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ چاھي ٿو، پر سنڌ جيڪا اول ئي پاڻي جي کوٽ جي ور چڙهيل آهي، 6 ڪينال ٺھڻ کان پوءِ ويتر پاڻي جي بدتر کوٽ جي ور چڙهي ويندي، جنهن سان نه صرف سنڌ جو آبپاشي نظام تباھ ۽ برباد ٿيندو، پر بک و بدحالي، غربت جھڙا مسئلا اڀرندا، جيڪي نه صرف موجوده سنڌ لاءِ ھاڃيڪار ھوندا، بلڪه سنڌو سڀيتا جيڪا 5 ھزار سال پراڻي سڃاڻپ رکي ٿي اھا پڻ نيست و نابوت ٿي ويندي. ڇو جو سڌو دريا نه رھندو.
انھيءَ لاءِ وقت جي نزاڪت کي محسوس ڪندي، سنڌ جي ھر فرد کي ميدان عمل م اچڻ جي ضرورت آهي ته جيئن گرين انيشيٽو تحت ٺھندڙ 6 ڪينال ۽ ھزارين ايڪڙ سنڌ جي زمين کي ھڙپ ٿيڻ کان بچائي سگهجي. انگن اکرن موجب، 30 سيڪڙو سنڌ ۾ آبادي ھيٺ زمين آھي باقي 70 سيڪڙو غيرآباد زمين آھي. ان جي ڀيٽ م پنجاب ۾ 70 سيڪڙو آباد زمين ۽ 30 سيڪڙو غيرآباد، ڪينال ٺھڻ کان پوءِ اھو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته سنڌ جي زراعت مڪمل طور تباھ ٿي سگهي ٿي.
ھن وقت سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، اڃان خريف جي مند مس ئي شروع ٿي آهي. اگر شروعات م ئي پاڻي جي ايتري کوٽ آهي، اڳتي اھا ويتر بدتر حد تائين وڃي سگهي ٿي. جنهن جو نقصان اھو وڃي ٿيندو ته سنڌ پيئڻ جي پاڻي لاءِ به سِڪندي، زراعت ٿي پري جي ڳالهه.
سنڌ جي حڪمران جماعت پيپلزپارٽي، جيڪا سنڌ م پنھنجو پاڻ کي اڇي ڪاري جو والي وارث سمجهي ٿي، ھاڻي سندن ھوش مان ڪم وٺڻو پوندو ۽ ڪينالن جي معاملي م ڌر ٿي بيھڻ جي ضرورت آهي. هن وقت تائين پيپلزپارٽي، سنڌو درياھ تي غير قانوني ڪينالن جي اڏاوت کان لاتعلقي، لاچاري ۽ اڻ ڄاڻائي رکيو پئي اچي. انهن جي نظر م، سنڌو درياھ تي ھن وقت ڪنهن به قسم جو ڪوئي ڪينال ناھي جڙي رھيو، ھي سنڌ م احتجاج، ڌرڻا ڪينالن خلاف آواز اجائي واويلا آهي.
ھن وقت تائين پيپلزپارٽي جي ڪائي واضح پاليسي نظر نه پئي اچي. ھن وقت تائين اگر ڪينالن جي سخت مخالفت ڪنھن ڪئي آھي ته اھو صرف ۽ صرف سنڌ جي ھر شعور رکندڙ انسان ڪئي آهي، جيڪي سمجهن ٿا ته ڪينالن جي اڏاوت سنڌ جي زندگي ۽ موت جو معاملو آهي. گرين انيشيٽو تحت ٺھندڙ ڪينالن تي سنڌ ء سنڌي ماڻهن جا ھيٺيان جامع پر اھم اعتراض ھن ريت آهن :
* سنڌو درياھ تي ٺهندڙ مڙني ڪينالن تي ٿيندڙ ڪم فورن بند ڪيو وڃي
* وفاق ٺھندڙ ڪينالن تان ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ ھٿ کڻي.
* ارسا ايڪٽ کي پراڻي صورت م بحال ڪيو وڃي.
* بين الاقوامي اصولن تحت پڇڙي کي پاڻي مان حصو ڏنو وڃي ته جيئن ڊيلٽا کي تباھي کان بچايو وڃي.