حيدرآباد (بيورو رپورٽ) جماعت اسلامي پاڪستان پاران ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال کي نظر ۾ رکندي گرينڊ ڊائلاگ لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن. گرينڊ ڊائلاگ لاءِ راهموار ڪرڻ واسطي جماعت اسلامي پاڪستان جي مرڪزي قيادت مختلف سياسي جماعتن جي اڳواڻن، ترقي پسند ۽ قومپرست جماعتن جي قيادت سان رابطا ڪري ساڻن ملاقاتون به ڪرڻ شروع ڪيون آهن. ان ئي ڏس ۾ جماعت اسلامي جي اڳوڻي مرڪزي امير سراج الحق حيدرآباد پهچي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سان ملاقات ڪئي. ذريعن موجب جماعت اسلامي جي اڳوڻي امير سراج الحق ملاقات دوران موقف اختيار ڪيو ته ملڪي صورتحال ڳنڀير آهي جنهن تي حڪومت مخالف ۽ پي ٽي آءِ کان ناراض ڌر سميت ملڪ جي مختلف صوبن جي جمهوريت ۽ ترقي پسند جماعتن ۽ قومپرست پارٽين جي اڳواڻن کي گڏ ويهارجي ته جيئن سياسي ڊائلاگ ڪري گڏيل طور تي ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري سگهجن. ملاقات دوران سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته پاڪستان گهڻ قومي ملڪ آهي ۽ ان ۾ شامل سمورن قومن کي برابري جي بنياد تي حق ملڻ گهرجن. اسين ملڪ جي پارليامينٽ جي بالادستي ۽ آزادي چاهيون ٿا ۽ ان طرح سان ئي ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ووٽ کي اهميت ملڻ گهرجي. ووٽ بدران ڌانڌلي جي بنياد تي ٺاهيل حڪومتون ڪامياب نه ٿينديون ۽ نه ئي وري ملڪ لاءِ اهو عمل فائديمند ثابت ٿيندو. هن چيو ته سنڌ تي پ پ گذريل ڊگهي عرصي کان حڪمراني ڪري رهي آهي پر ان جي ڪارڪردگي بهتر نه رهي آهي. پ پ جي حڪمراني ۾ سڄي سنڌ لاقانونيت جي ورچڙهيل آهي. سنڌ جا مٿيان ضلعا ڌاڙيل راڄ هيٺ آهن جن کي حڪمرانن جي سرپرستي حاصل آهي. هن چيو ته سنڌ جو امن امان تباھه ۽ برباد ٿي چڪو آهي. جڏهن ته انتظامي عملدار حڪمرانن کي پروٽوڪول ڏيڻ ۾ پورا آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪي به بنيادي سهولتون موجود نه آهن، سنڌ جا ڳوٺ صحت ۽ تعليم سميت سمورن بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهن. سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي. سمنڊ ۾ پاڻي نه وڃڻ سبب سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي. 1991ع جي معاهدي تحت گهٽ ۾ گهٽ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڪوٽڙي کان هيٺ ڊائون اسٽريم ۾ ڇڏڻو آهي پر اهو پاڻي نٿو ڇڏيو وڃي. هن چيو ته سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاهڻ وارو منصوبو سنڌ لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿيندو جنهن کي سنڌ رد ڪري چڪي آهي. سنڌ پنهنجي سنڌو درياهه جي بقاءِ لاءِ ڪاميابي حاصل ڪرڻ تائين پرامن سياسي جدوجھد جاري رکندي. جماعت اسلامي جي اڳواڻ سراج الحق چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي ڪا به بنيادي سهولت نه آهي ۽ سڄي سنڌ موهن جي دڙو جو ڏيک ڏئي ٿي. ملڪ کي هلائڻ لاءِ صرف ٻن پارٽين کي ڪجهه ڏيو ڪجهه وٺو جي بنياد تي حڪومت ڏئي ملڪ نٿو هلائي سگهجي. سنڌ جي مسئلن تي جماعت اسلامي آواز اٿاريندي.