گرهڻ سيريز: وارتائون جيڪي ادارن نه رسالن ڇپيون … سرمد

0
30
گرهڻ سيريز: وارتائون جيڪي ادارن نه رسالن ڇپيون ... سرمد

31ھين آڪٽوبر اڻويهه سئو چوراسي، جڏھن ڀارتي وزيراعظم اندرا گانڌيءَ کي سندس ئي سک محافظن بيانت سنگهه ۽ ستونت سنگهه گولين سان پروڻ ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ سڄي ملڪ ۾  ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ جي لهر ڇائنجي وئي، ڀارتي وزيراعظم جي قتل جو ذميوار پوري سک برادري کي قرار ڏنو ويو ۽ سڄي ملڪ خاص ڪري دھلي ۾ فساد شروع ٿي ويا. فسادن دوران چونڊي چونڊي سکن کي جيئري ساڙي، ماريو ويو، عورتن ۽ معصوم نينگرين جون عزتون تار تار ڪيون ويون. حڪومتي سرپرستي ۾ شرپسندن کي ھٿيار، تيل ۽ گاسليٽ ملندو رهيو ۽ سِکن مٿان پنهنجا دوست ئي مٿن قهر بڻجي ڪڙڪي پيا. اِهو سڀ ڪجهه گرهڻ نالي هن ويب سيريز ۾ ڏيکاريو ويو آهي، جنهن جي ڪهاڻي ڀارت ۾ ٿيندڙ حقيقي واقعن ۽ 1984ع جي آپريشن بليو اسٽار، وزيراعظم اندرا گانڌيءَ جي قتل ۽ هڪ پريمي جوڙي  جي چوڌاري ڦري ٿي.

گرهڻ جي ڪهاڻي ٻن مختلف دورن کي پاڻ سان گڏ کڻي ھلي ٿي، جنهن ۾ ماضي  يعني 1984ع جا ڏڦيڙ  آهن وري 32 سالن کانپوءِ وڳوڙن ۾ ملوث ماڻهن کي وائکو ڪرڻ جي جاچ کي ڏيکاريو ويو آھي.

فليش بيڪ ۾ هلندڙ ڪهاڻي

ڪهاڻي شروع ٿئي ٿي 1984ع جي وڳوڙن کان ٿورو اڳ ڀارتي رياست جهار کنڊ جي شهر بوڪارو کان. جتي ھڪ ھندو ڇوڪرو رشي رنجن ( انوشمان پُشڪر) ھڪ سک ڪٽنب جي گهر ۾ مسواڙ تي اچي رھي ٿو.

ان دوران مسٽر ڇابڙا( سکويندر چاهل) جي ڌيءَ منو ( واميڪا گبي) ۽ رشي ھڪٻئي کي پسند ڪرڻ لڳن ٿا ۽ اھا پسنديدگي ھوريان ھوريان محبت جو روپ وٺڻ لڳي ٿي، رشي منو جي گهر جا ڪم ڪار ڪندو رهي ٿو، جنهنڪري سک فيمليءَ جو مٿس اعتماد وڌڻ لڳي ٿو.

ٻئي پاسي وري منو جو پيءُ ڇابڙا پنجاب جي ڏينهون ڏينهن بگڙجندڙ صورتحال کان ڏاڍو ڊنل آھي ۽  منو جي جلد کان جلد شادي ڪرائڻ چاھي ٿو، رشي ۽ منو انڪري پريشان رھڻ لڳن ٿا ۽ ھڪ ڏينهن رشي دل ٻڌي ڇابڙا کان  منوءَ جو سڱ گهري وٺي ٿو .

رشي طرفان منوءَ جو سڱ گهرڻ وارو عمل ڇاٻڙا کي ڪاوڙائي ڇڏي ٿو ۽ هو کيس اھو چئي رشتي کان انڪار ڪري ڇڏي ٿو ته اسان توتي يقين ڪري توکي پنهنجي گهر ۾ رھيو ۽ تون پنهنجون حدوڻ اورانگهي رھيو آھين. رشي جيڪو بوڪارو شهر جي اسٽيل مل فيڪٽري ۾ ڪ م ڪري ٿو، اتي ئي فيڪٽري جي يونين جو اڳواڻ چنو بابو/سنجي ڪمار ( ٽيڪم جوشي ) پنهنجن ورڪرز وقت به وقت سکن خلاف ڀڙڪائندو رھي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ بوڪارو سانحو جنم وٺي ٿو.

بوڪارو شهر ۾ ٿيندڙ فسادن جي سرپرستي رشي رنجن ڪري ٿو ۽ مڇريل ماڻهن کي چئي ٿو ته سکن خلاف ڪارروائي جي شروعات ڇابڙا (منو جو پيءُ ) جي گهر کان ڪبي. ڇا رشي رنجن رشتي کان انڪار سبب منو جي  گهر تي حملو ڪندو؟

 ڇا ھو محبت ۾ پاڻ کي تباهه ڪري ڇڏيندو ؟

انهن سوالن جا جواب ڄاڻڻ لاءِ اوھان کي ھي سيريز ڏسڻي پوندي .

ھوڏانهن 32 ورھين کانپوءِ پوليس آفيسر ايس پي امرتا سنگهه (زويا حسين ) بوڪارو فسادن ۾ ملوث ڏوھارين خلاف ثبوت گڏ ڪري کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ڪوشش ۾ رڌل رھي ٿي، پر  اڳتي هلي کيس پتو پوي ٿو ته بوڪارو شهر ۾ ٿيل فسادن جي سرپرستي ڪرڻ وارو مُک جوابدار رشي رنجن سندس پيءُ آھي جيڪو ھاڻي هڪ سک جو روپ ڌاري سندس ئي گهر لڪيو ويٺو آھي ۽ اتان ڪهاڻي ۾ نئون رخ اختيار ڪري ٿي.

ايس پي امرتا پاڻ کي سوالن جي ڄار ۾ ڦاٿل محسوس ڪري ٿي ۽ ھر وک تي سوال سندن قدمن کي روڪيندي ٽوڪيندي نظر اچن ٿا. امرتا انهن ڪڙين کي جوڙي ڪهڙي نتيجي تي پهچي ٿي ان لاءِ اوھان کي فلم ڏسڻي ئي پوندي .

جيئن ته ھي ڪهاڻي چوراسيءَ جي حقيقي واقعن تي آڌرايل آھي، تنهنڪري شايد اوھان کي شروع واريون قسطون بور ڪندڙ به محسوس ٿين پر ھڪ ڳالهه واضح ڪندو ھلان ھن سڄي سيزن جو راز آخري قسط ۾ عدالت ۾ کلي ٿو ۽ عدالت ۾ جيڪي انڪشاف ٿين ٿا، جيڪا پڄاڻي ٿئي ٿي اوھان کان يش چوپڙا جي ماسٽر پيس وير زارا جو ڪلائمڪس وسري ويندو ۽ جيڪڏهن اوھان حساس آھيو ته پوءِ شايد اوھان جا لڙڪ اکين منجهه گهڻي دير جٽاءُ نه ڪري سگهن .

گرھڻ ڇو ڏسجي ؟

اڻويهه سئو چوراسي ۾ جتي ھڪ پاسي سک ۽ ھندو ھڪٻئي جا جاني دشمن بڻيل ھئا، ان گهمسان جي ويڙهه ۾ ھڪ پريم ڪهاڻي شروع ٿئي ٿي، هڪ اھڙي محبت جيڪا اکين کان شروع ٿئي ٿي ۽ دل تي ختم.

اھڙي محبت جنهن کي ڏسي کن پل لاءِ اوھان به ماضيءَ ۾ گم ٿي ويندئو يا جيڪڏھن اھڙي مرحلي مان گذريا ھوندئو تي ٿورو لُڏي ويندئو، پر جتي محبت پساهه کڻي رهي هئي اتي نفرتون به پلجي رهيون هيون.

سيزن ۾ ھونئن ته ڪيئي سين آھن جيڪي ھر ھر ڏسڻ جوڳا آهن، خاص طور اھو سين جڏھن منو کي سئنيما ٻاھران فلم جي ٽڪيٽ ناھي ملندي ۽ اتي رشي جي موٽر سائيڪل تي انٽري ٿيندي آهي، ڇا ته شاندار منظر آھي اھو، اوھان کي ستر جي ڏهاڪي وارو اميتاڀ بچن ياد اچي ويندو. ۽ وري جڏھن وڏي پردي تي  جيڪي شروف ۽ مئناڪشي جي مشهور فلم ھيرو جي گيت جا ھي ٻول ھلن ٿا

تو ميرا جانو ھي تو ميرا دلبر ھي

ميري پريم ڪهاني ڪا تو ھيرو ھي

۽ جڏھن اکيون اکين ساڻ ڳجهيون ڳالهيون ڪن ٿيون خاص ڪري  ھيرو جي مقامي لهجي ۾ ھندي ۽ جڏھن ھيروئن ھندي سان گڏ ڪٿي ڪٿي پنجابي ڳالهائي ٿي، وقت ڄڻ ته بيهي ٿو وڃي! فلم جي عڪسبندي پنهنجو مٽ پاڻ آهي پر سڀ وڌيڪ سيريز کي چار چنڊ لڳايا آهن ان جي بيڪ گرائونڊ موسيقيءَ.

گرھڻ ۾ انهن واقعن کي ھائي لائيٽ ڪيو ويو جن تي وقت جي دز چڙھي وئي ھئي، اھي ڪهاڻيون جن کي امرتا، مڃتا ۽ موٽ نه ملي سگهي، اھي ڪردار جن جيءَ جون جلاوطنيون ڀوڳيون، جن جو ذڪر اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ۾ نه ٿيو.

جيڪي ڪهاڻيون ڪٿي وڃائجي ويون اھو سڀ اوھان کي ھن سيريز ۾ ملندو، گڏوگڏ اوھان  کي سياسي چالبازين ۽ پردي پٺيان ھلندڙ تماشن جيڪي وڏن سانحن جو سبب بڻجن ٿا انهن بابت ڄاڻڻ جو به موقعو ملندو … (فيس بوڪ تان ورتل)