اسان ڪاليجي استاد جولاءِ مهيني ۾ اڪثر ٿڌن علائقن جو رخ ڪندا آهيون، هن ڀيري به روايت برقرار رکندي کجين جي ديس خيرپور کان جبلن، نهرن ۽ برفيلي ديس ڏانهن نڪري پياسين، استادن واري قافلي ۾ استان ممتاز حسين مغل، محمد ايوب مري، ارشاد مانڊڻ، لياقت سومرو، عبدالرحمان کيڙو، ولي الله مهيسر، قاضي سليم الله، روشن خاصخيلي، زاهد سولنگي، سيد علي گل شاھه، نور حسن بلوچ، رياض مري، جمال مھر، انعام لاڙڪ، حسن کوسو، سليم جوڻو، ڊاڪٽر عديل لياقت ڀٽي، حضور بخش ڪلھوڙو، حبدار شنباڻي، زوار حسين، انور سولنگي، ارمان شيخ ۽ اڪرام الله شامل هئا، سکر موٽروي سان اسلام آباد نڪري پياسين جتي ڪوھه مري، ناران ڪاغان گلگت بلتستان، اسڪردو، ھنزا، عطا آباد ڍنڍ، خنجراب چائنا باڊر تائين وياسين. اسان جيڪي علائقا گهمي ڏٺا انهن جي معلومات هيٺ ڏجي ٿي.
هنزه: هنزه وادي اتر پاڪستان جي هڪ مشهور وادي ۽ ملڪ جو هڪ مشهور سياحتي علائقو آهي. هي وادي گلگت جي اتر ۾ نگر واري علائقي سان لڳ ۽ شاهراهه ريشم تي واقع آهي. اسلام آباد کان ان جو رستو حسن ابدال_ ايبٽ آباد_ مانسهره_ ٿا ڪوٽ_ بشام_ داسو_ چلاس_ گلگت کان ٿيندو هنزه تائين رسندو آهي. هڪ ٻيو رستو مانسهره کان بالاڪوٽ ناران ۽ بابوسر پاس کان ٿيندو چلاس سان وڃي ڳنڍجي ٿو. هنزه ۾ هڪ دور ۾ مقامي راجا جي حڪومت هوندي هئي. جنهن کي مير آف هنزه سڏيو ويندو هو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي دور ۾ رياستي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ اتان مقامي رياستي حڪومت وارو سلسلو به ختم ڪيو ويو. تڏهن به هن وقت هنزه ۾ مير جو عهدو اعزازي طور برقرار آهي. مکيه ٻولي بروشسڪي آهي علائقي ۾ واخي ۽ شينا ٻوليون به ڳالھايون وينديون آهن. اتي ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون واديون ۽ قصبا شامل آهن.
هنزه واري وادي ٽن حصن ۾ ورهايل آهي:
1_ بالائي هنزه (گوجال)
2_ مرڪزي هنزه
3_ لوئر هنزه.
هنزه جو سڀ کان اهم شهر علي آباد آهي. جڏهن ته ڪريم آباد وارو علائقو وري پنهنجي آسپاس وارن نظارن سبب گھڻو مشهور آهي. ڪريم آباد جي چئني پاسن کان اوچيون جابلو چوٽيون آهن، شهر هنزه جي ثقافتي سوکڙين سان سٿيو پيو آهي. ڇاڪاڻ ته مقامي يا ملڪي سياحن کان به پرڏيهي سياح وڌيڪ ايندا آهن تنهنڪري بازاريون ٻين جي ڀيٽ ۾ مهانگيون لڳن ٿيون. ھنزه ۾ منھنجي به ملاقات اسپين جي سياحن سان ٿي جتي اسان گڏ چانھه پيتي، ڪريم آباد ۾ موجود مير جو پراڻو گھر بلتت قلعو ته ڄڻ ته ڪريم آباد جي سونهن کي سوايو ڪري ٿو ڇڏي. هي قلعو تقريبا 700 سال پراڻو آهي ۽ ڪريم آباد جي ويجھو ئي هڪ پراڻو قصبو التت آهي جيڪو هن وادي جو سڀ کان قديم علائقو تصور ڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ موجوده التت وارو قلعو 900 سال پراڻو آهي.
هنزه جي آسپاس موجود جابلو چوٽين ۾ راڪاپوشي، ويران پيڪ، گولڊن پيڪ، التر پيڪ ۽ ليڊي فنگر پيڪ مشهور آهن. هنزه جي آسپاس اهڙا علائقا جتي ماڻھو هڪ ئي ڏينهن ۾ صبح جو وڃي ۽ شام جو سير سفر ڪري موٽي اچي سگھي انهن ۾ ڊوئيڪر يا ايگل نيسٽ اهم آهي، اها جاءِ سج جي لهڻ ۽ اڀرڻ واري پنهنجي نظاري ۽ ان جي ڪري برف پوش جابلو چوٽين جي جڳمڳاهٽ سبب دنيا ڀر ۾ مشهور آهي. اتان ئي التر پيڪ ۽ التر ميدان وارو خوبصورت ٽريڪ به شروع ٿئي ٿو. دريا جي ٻئي ڪناري تي واقع نگر نالي وادي ڏانهن به سفر ڪري سگھجي ٿو. جتان گليشئرن جا نظارا تمام گھڻا وڻندڙ ٿيندا آهن.
راڪاپوشي جي پيٽ ۾ واقع ڳوٺ مناپن پڻ هڪ اهڙو سياحتي ماڳ آهي جيڪو جبل جي بلندي 7788 ميٽر آھي سڄو سال جنھن جي چوٽي برف سان ڍڪيل رھي ٿي ،نومل ۽ نلتر واريون خوبصورت واديون پڻ سياحن لاءِ تمام گھڻي ڪشش رکن ٿيون.
2010ع ۾ هنزه وادي ۾ لينڊ سلائنگ کان پوءِ قدرتي طور اڀري آيل عطا آباد ڍنڍ به گھڻي وقت کان هڪ شاندار تفريحي ماڳ واري حيثيت حاصل ڪري ورتي آهي. اوچن ڪارن جبلن جي وچ ۾ موجود هن ڍنڍ جي نيري پاڻي ۾ ٻيڙين ۾ سفر هنزه وادي جي سياحت کي يادگار بڻائي ڇڏي ٿو. هن ڍنڍ جي پار گلگت ڳوٺ، بورت ڍنڍ، پسو ڳوٺ ۽ پاڪستان جو آخري ڳوٺ سوست به واقع آهي.چين جي سرحد لڳ دنيا جي سڀ کان اوچي لڪ خنجراب پاس وارو علائقو ته هن پوري وادي جو سڀ کان سهڻو ۽ موهيندڙ علائقو قرار ڏنو ويندو آهي. هن وادي جا ماڻھو مهمان نواز ۽ سهڻي اخلاق وارا آهن ۽ سياحن کي نه صرف ڪمائي جو ذريعو سمجھن ٿا بلڪه انهن کي خدا جي نعمت پڻ قرار ڏين ٿا ۽ انهن جو گھڻو قدر پڻ ڪن ٿا. گلگت ۾ رات رهڻ بعد صبح جو اسان عطا آباد ڍنڍ گھمڻ جو پروگرام ٺاھيو، گلگت جي رستن تي اسان کي زردالو، چيري، صوف، ڏاڙھو، ناشپتي ۽ آڙو جا وڻ پنھنجي ڦل سميت نظر آيا
عطا آباد ڍنڍ: عطا آباد ڍنڍ گلگت بلتستان جي وادي هنزه جي گوجال واري علائقي ۾ واقع آهي. هي ڍنڍ 2010ع ۾ حادثاتي طور تنهن وقت نمودار ٿي جڏهن ايبٽ آباد ۾ لينڊ سلائڊنگ جو هڪ وڏو واقعو پيش آيو. هن ڍنڍ ۾ ٻيڙيون هلائڻ سميت جيٽ سڪئنگ ۽ مڇي جي شڪار ۽ ٻين به مختلف تفريحي سرگرمين جو بندوبست ڪيل آهي. هنزه دريا جو وهڪرو پنجن مهينن لاءِ بلاڪ ٿي ويو. جنهنڪري عطا آباد ڍنڍ وجود ورتو جنهن جي پاڻي سبب علائقي ۾ ٻوڏ اچي وئي هئي، جنوري ۾ وجود وٺندڙ هي عطا آباد ڍنڍ ڇهن مهينن ۾ جون جي پهرئين هفتي تائين 12 ڪلوميٽر ڊگھي ۽ 100 ميٽر اونھي ٿي وئي ۽ لينڊسلائڊنگ جي مٿان وهڻ لڳي.
عطا آباد ڍنڍ کان پوءِ اسان جي منزل خنجراب چائنا باڊر پاس ھو جتي چيني سياحن سان به ملاقات ٿي، جڏھن مون چينن کي سنڌ جو ٻڌايو ته ھو خوش ٿيا جلدي انھن ڪوٽڍيجي قلعي ۽ موئن جي دڙي جو نالو ورتو، گڏجي چانهه پيتي پوءِ وري پاڻ اڳين منزل ڏانهن نڪري پياسين، شام جو پنج وڳي اسان خنجراب جي چيڪ پوسٽ تي اچي پھتاسين، جتي شديد سيءُ ورائي ويو، گرم ڪپڙا پهري ورتاسين، چئنا بارڊر جي ويجهو وڃڻ منع هو، پري کان بارڊر جي گيٽ جا فوٽو ورتاسين، موسم جو مزو ماڻيوسين ۽ واپس ورياسين رات جي سفر ۾ جبلن جو سفر مون کي ڊيڄاري رھيو ھو نيٽ اسان جو سفر کٽو ۽ رات ھنزھه ۾ اچي رھياسين، جتي هڪ پوائنٽ دوئيڪر بلند چوٽي آهي اتي هنزه ۽ نگر جا خوبصورت منظر پسي سگهجن ٿا.
گلگت دوئيڪر ۾ هڪ جوڙي سان ملاقات ٿي، اتي ھڪ اٽلي جي سياح نظر آئي جنھن سان سندس مڙس به گڏ هيو. اٽليءَ جي ان خاتون جو مڙس لاڙڪاڻي سان واسطو رکندو هو جنهن جو نالو سيد خالد حسين شاھه ھو. سيد خالد حسين شاهه مون کي مخاطب ڪندي پڇيو ته،”اوھان سنڌي آھيو ؟“ مون وراڻيو،”ھا.“ ڳالھين دوران ھنن ٻڌايو ته،”اسان ٻن ڏينھن کان هتي آھيون. ڏاڍو سڪون ۽ مزو آيو آھي.“
دوئيڪر گلگت جي ضلعي ھنزه جو ھڪ ننڍڙو ڳوٺ آھي جيڪو ڪريم آباد شھر کان اٺ ڪلو ميٽر جي بلندي تي آھي. ماضي ۾ ڪريم آباد (التت) جا ماڻھو گرميءَ جي موسم ۾ دوئيڪر ۾ وڃي رھندا ھئا ۽ اتي پنھنجي ٻني ٻاري جو ڪم به ڪندا هئا. آھستي آھستي سياحن جو به ان دوئيڪر پوائنٽ ڏانهن لاڙو پيدا ٿيڻ لڳو.1985ع ۾ ھڪ انگريز (گوري) خاتون دوئيڪر گھمڻ آئي ته اتي ان جي ملاقات ھنزه جي هڪ مقامي شخص علي مدد سان ٿي، جيڪو پنھنجي ٻني جو ڪم ڪري ھيو ھو . علي مدد دوئيڪر ۾ ھڪ ننڍڙي گھر ۾ رھندو ھو. انگريز سياح ان کي صلاح ڏني ته اوھان ھتي رھو ٿا ته، هتي ھڪ ھوٽل کوليو جنھن جو نالو Eagle’s Nest Hotel رکو، ته اهو هوٽل ايندڙ وقت ۾ تمام گھڻو ڪامياب ٿي سگھي ٿو، جنھن سان اتان ايندڙ سياحن جو فائدو ٿيندو ۽ اوھان جو گذر سفر چڱو ٿي ويندو. ان خاتون جي صلاح علي مدد کي وڻي ۽ ان پنھنجي گھر جي ھڪ ڪمري کي ھوٽل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، جتي سياحن کي رهائڻ لڳو. آھستي آھستي ھن پنهنجي گھر کي ھڪ مڪمل ھوٽل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، جيڪو 2002ع ۾ هڪ ٿري اسٽارجي حيثيت اختيار ڪري ويو. دوئيڪر ۾ بروشسڪي ٻولي ڳالھائي ويندي آھي. جڏهن ته عام طور هتي وچولي طبقي جا ماڻھو رھن ٿا جيڪي نوڪرين سان گڏ زمين جو ڪم به پاڻ ڪندا آھن. هنزه ۾ جنهن هوٽل تي ترسياسين اتي هوٽل جا ڪمرا بڪ ڪندڙ نوجوان پڙهائي ۾ گولڊ ميڊلسٽ هو، سرڪاري نوڪري ڪندڙ، هوٽل تي ڪم ۽ پنهنجي زمين جو ڪم به ڪندڙ هو، سچ پچ تج ھنزه جا ماڻھو ڏاڍا محنتي آھن، انھن جون عورتون به نه صرف گھرن جي ڪم ڪارن ۾ مصروف رهنديون آهن پر انهي سان گڏوگڏ دڪانداري ۾ آهن.
هنزه، گلگت پوءِ اسڪردو ڏانهن ڪري پياسين، اسڪردو بلتسان جي دل آهي، جيڪو شاندار پھاڙن جي گهيري ۾ آھي. ھي شھر انهن ٽريڪرز ۽ ڪوھه پيمائن لاءِ ھڪ مقبول ماڳ آھي جيڪي خطي جي پھاڙي چوٽين ۽ گليشيئرز جي نظارن ۾ دلچسپي رکن ٿا. ھتان جي اھم ماڳن ۾ شگر ڍنڍ ۽ ڪچورا ڍنڍ به ڏسڻ وٽان آھن. ڪچورا ڍنڍ شاندار پوائنٽ ھئي اسان کي تمام سٺي لڳي، جتي ڪوريا جا ساح به مليا، انهن سان گڏ چانهه پيئندي موئن جي دڙي تي به ڳالهه ٿي، اتي اسان کي ڪافي سنڌي ماڻھو مليا جنھن سان حالي احوالي ٿياسين. شنگرالا پهتاسين جتي مهانگو هوٽل هو، پاڻي جي بوتل 350 رپيا ملي، چانهه 350، ڪولڊ ڊرنڪ 350 رپيا هئي، ھوٽل ۾ ھڪ رات گذارڻ جو ڪرايو 40 ھزارن کان 2 لک رپين تائين ھو.
اسان جي سفر ۾ پنهنجي اخبار به اسان سان گڏ هئي، خيرپور مان جڏهن نڪري رهيا هئاسين ته ان ڏينهن اخبار ورتي هئي، ان ۾ منهنجو ليک هو، تنهن ڪري اخبار ساڻ کڻي نڪري پيس، اسڪردو ۾ پنهنجي اخبار پڙهي رهيو هوس ته ٻيا استاد به سُري آيا ۽ پنهنجي اخبار انهن به پڙهي، ٻئي ڏينھن اسان منٽوڪا واٽر فال ڏسڻ لاءَ وياسين، شگر فورٽ جي بلڪل ڀرسان پنج سو سال پراڻي ھڪ قديمي مسجد به آھي جنھن جو نالو مسجد سينگ گرونگ رکيل آھي پر آغا خان ڪلچرل سروس جي پنن ۾ ان جو نالو کلگرونگ مسجد رکيل آھي ، جيڪا ڪاٺ جي ٺھيل آھي، گلگت بلتستان جي ھر مسجد ۾ ھڪ علم پاڪ ضرور نصب ٿيل آھي، منٽوڪا واٽرفال ۽ شگر فوٽ کان اسان واپس اسڪردو پنھنجي ٻڌا ويو گيسٽ ھائوس ڏانھن ورياسين، اسڪردو ۾ ايم ايف سي يعني ماشاءَالله فوڊ سينٽر جو مالڪ غريب هو، هن ٻڌايو ته لاهور ۾ هڪ هوٽل تي ٿانو ڌوئڻ جو ڪم ڪندو هو، واپسي تي اسڪردو ۾ هوٽل کوليو هاڻ ان جون ٽئي برانچون آهن،اسڪردو جي هڪ چوڪ تي مسافرن لاءِ لائبريري به جڙيل هئي، ايئن اسان حسين نظارن کي دل دماغ ۾ سمائي حسين نظارن جون يادون کڻي اباڻن ڪکن ڏانهن واپس پهچي وياسين… (واٽس ايپ تي اماڻيل مواد)