ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ملڪ جاري گرمي جي لهر کانپوءِ موسمياتي کاتي جي ماهرن الرٽ جاري ڪندي چيو آهي ته عوام 40 ۽ 50 درجا سينٽي گريڊ جي وچ ۾ ايندڙ گرمي جي لهر لاءِ تياررهي، ٻئي طرف هڪ نئين تحقيق سامهون آئي آهي جنهن ۾ چيو وي آهي ته هميشه ڪمري جي حرارت مطابق پاڻي آهستي آهستي پيئو ۽ ٿڌو يا برف وارو پاڻي پيئڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي! هن وقت، ملائيشيا، انڊونيشيا، سنگاپور ۽ ٻيا ملڪ “گرمي جي لهر” جو تجربو ڪري رهيا آهن. ڊاڪٽر صلاح ڏين ٿا ته جڏهن گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي وڃي ته تمام ٿڌو پاڻي نه پيئجي، ڇاڪاڻ ته اسان جون ننڍيون رت جون رڙيون ڦاٽڻ جو امڪان آهي. جڏهن ٻاهر جو گرمي پد 38°C تي پهچي وڃي ۽ توهان گهر اچو، ته ٿڌو پاڻي نه پيئو – صرف گرم پاڻي آهستي آهستي پيئو. جيڪڏهن پنهنجا هٿ يا پير تيز سج جي روشنيءَ ۾ اچن ته فوري طور تي نه ڌوئو. غسل يا شاور وٺڻ کان اڳ گهٽ ۾ گهٽ اڌ ڪلاڪ انتظار ڪريو. گرم مهينن دوران يا جيڪڏهن توهان تمام گهڻو ٿڪل آهيو، ته فوري طور تي تمام ٿڌو پاڻي پيئڻ کان پاسو ڪريو ڇو ته ان سان رڳن يا رت جون ناليون تنگ ٿي سگهن ٿيون، جنهن جي ڪري فالج ٿي سگهي ٿو.