لنڊن (انٽريسٽنگ نيوز) گرمي جي موسم اچڻ سان برطانيا ۾ ماهرن شهريَن کي سڄي رات پکو هلائڻ جي نقصانن بابت خبردار ڪيو آهي. پي ايچ ڊي هيلٿ ايڪسپرٽ ڊاڪٽر ناهيد علي مطابق سڄي رات ڪمري جو پکو هلائڻ جسم کي لڪل دٻاءَ ۾ وجهي سگهي ٿو. ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته لڳاتار پکو هلڻ سبب ساهه ۽ ڳلي ۾ خشڪي ٿي سگهي ٿي، جنهن ڪري صبح جو ساهه کڻڻ ۾ تڪليف يا سينو ڀريل محسوس ٿي سگهي ٿو. اهو به ٻڌايو ويو ته پکي جي هوا سان رات جو پٺا سُجي سگهن ٿا ۽ مٽي جا ذرڙا ساهه جي نالن ۾ داخل ٿي سگهن ٿا، جنهن ڪري دم جي مريضن يا الرجي وارن ماڻهن کي نشون اچڻ وڌي سگهن ٿيون. ڊاڪٽر ناهيد چيو ته ساهه جي نالي جي خشڪي سان ڳرو بلغم ٺهي ٿو، جنهن ۾ الرجي پيدا ڪندڙ جراثيم ڦاسي سگهن ٿا. وقت سان گڏوگڏ اها حالت کنگهه، آواز ۾ خرابي يا ساهه بند ٿيڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.