گرمين جون موڪلون ۽ ٻارن جون منزلون

0
53
گرمين جون موڪلون ۽ ٻارن جون منزلون

پڙھندڙن جي ڌيان ۾ ھوندو ته مان ٻارن جي باري ۾ تمام گھڻو ڪجھ سوچيندو ۽ لکندو رھان ٿو. ھڪ استاد ھجڻ ناتي ٻارن جي باري ۾ لکڻ منھنجو فرض به بڻجي ٿو ته مقصد به آھي. ٻيو ھي ته ٻار اسان جو آئيندو به ته آھن. مان پنھنجي فرض کي نڀائڻ ۾ ڪن لاٽار ته ڪري سگھان ٿو يا ڪنھن جڙتو بھاني ھيٺ مقصد کي پٺي به ڏئي سگھان ٿو پر، سچي ڳالھ ھي آھي ته پنھنجي آئيندي کي نظر انداز نٿو ڪري سگھان ۽ نه ڪرڻ گھرجي ڇو ته: قومن جا آئيندا ھنن جا ھاڻوڪا نسل يعني نوجوان ئي ھوندا آھن. ھڪ صحت مند معاشري ۽ پرسڪون زندگي جي ضرورت سدائين ٻار رھيا آھن. ھي مان نٿو چوان پر، دنيا جا وڏا وڏا ڏاھا ۽ ليکڪ چئي ويا ۽ رھيا آھن.

                 معاشري جون رونقون ۽ زندگي جون بھارون سدائين ٻارن جي موجودگي جي سبب قائم ۽ دائم آھن. ائين نه ھجي ھا ته عالمي سطح تي ٻارن جي لاءِ ھنن جي ڄمار آھر گھرجن سان گڏ، نفسياتي آڌار ضرورتن جو خيال نه رکيو وڃي ھا. يورپ ۽ الھندي ملڪن ۾ ٻارن جي ضرورتن ۽ گھرجن تي جيترو ڪم ڪيو پيو وڃي اھو نه ٿئي ھا. ٻارن جي ادب سرجڻ کان وٺي خاص ٻارن جي لاءِ اينيميٽيڊ موويز، فيچرز ۽ طلسمي دنيا جي ڪھاڻين تي ٻڌل عجيب و غريب فلمون ٺاھڻ جو رواج عام نه ھجي ھا، ڊزني لينڊز جھڙا شاندار ۽ پاڻ ڏانھن ڇڪيندڙ اچرجي پارڪ تيار ڪرڻ جي لاءِ دنيا جي امير ماڻھن پاران سيڙپ نه ڪئي وڃي ھا. سوچيو وڃي ته: ذڪر ھيٺ شين ۽ فَن لينڊز ۽ واٽر پارڪس جھڙن نت نون ۽ جدتي منصوبن کي آڻڻ جي پويان صرف ۽ صرف ٻارن جي عمر ۽ نفسيات جو خيال ڪرڻ وارو ئي ويچار ڪارفرما آھي نه ته ڪنھن کي ڪھڙي ضرورت آھي خاص ٻارن جي دنيا جي لاءِ ملين ۽ ٽرلين ڊالرز سيڙائڻ جي.

ٻار اسان جي معاشري جي لاءِ خوشين جا جھان آباد ڪندڙ ھجن ٿا. ٻار ھر وقت ڪجھ نه ڪجھ ڪرڻ جي اڻ تڻ ۾ سرگردان رھندا آھن ۽ ھر پل تصورن جي دنيا جا راھي پڻ بڻيل ھوندا آھن. اھڙن راھين کي ھنن جي ڄمار جي مطابق، ۽ نفسيات جي موجب شيون نه ملنديون ته اڳتي ھلي اھي ساڳيا ٻار تخريبڪار بڻجي سگھن ٿا. انھيءَ ڪري ضروري آھي ته ٻارن جي ڄماري ۽ نفسياتي گھرجن جو ھر سطح تي، ھر طرح سان خيال رکيو وڃي ته جيئن اھي اڳتي ھلي معاشري ۾ پنھنجو ڪو تعميري ڪردار نڀائڻ جي قابل بڻجي سگھن.

ٻار اسان کان اھوئي ڪجھ ته گھرندا آھن جيڪو ھنن جي معصوميت ۽ ڇيڏڪي طبيعت جو حصو ھوندو آھي. ٻار ڇيڏڪ نه ڪندو ته ٻيو ڪير ڪندو. اسان جي لاءِ گھڻو ضروري آھي ته اسان ھنن جي ضرورتن جو پورو پورو خيال رکون. ھنن سان ھنن جھڙا ٿي وڃون، راند ۽ روند ڪريون، گڏجي گھمڻ ڦرڻ وڃون، گڏ موويز ڏسون، ۽ انھن تي پنھنجي پنھنجي ھاڪاري يا ناڪاري راءِ به ڏيون. ٻيو ته ٺھيو پر اسان زندگي جي ڊوڙ ۾ پنھنجي ٻارن کي به پنھنجين ذاتي احساسِ ڪمترين ۽ محرومين جو شڪاربڻائيندا رھون ٿا چاھي پوءِ، ڄاڻيءَ ۾ يا اڻڄائيءَ ۾. “مان ڊاڪٽر ٿي نه سگھيس انھيءَ ڪري منھنجي پٽ / ڌيءُ جو ڊاڪٽر بڻجڻ منھنجي زندگي جو وڏي ۾ وڏو مقصد ۽ خواب آھي.” يا پنھنجي ماضي واري زندگي ۽ ھاڻوڪي منصبي حيثيت جو احساس ڏيارڻ جي لاءِ ٻارن کي ڪنھن مشھور ھوٽل تي ماني کارائڻ مھل ھنن جي سامھون ھن قسم جا گفتا ڳالھائڻ: “کائو کائو اسان کي ته پنھنجي پيءُ ماءُ سڻڀي ڳڀي کان به سِڪايو ھو!”. ھن قسم جون ڳالھيون ڪري ٻارن جي جذبن کي ٻليدان تي نه چاڙھجي ته بھتر آھي. اسان سنڌي پنھنجي ٻارن جي نه صحيح تربيتن تي ڌيان ڏيون ٿا نه وري مناسب ۽ جديد گھرجن مطابق تعليم ڏيارڻ تي ويچار سازي ڪيون ٿا.

سنڌي معاشرو حڪومتي پاليسين ۽ سياسي، سماجي ۽ معاشي ڀڃ ڊاھن سبب تمام گھڻن ٽڪرن ۾ ورھائجي چڪو آھي. اسان جي معاشري جي تاريخي سگھ، مذھبي ۽ ثقافتي ھم آھنگي ۽ وطني سڃاڻپ کي ھن وقت تمام گھڻا دڙڪا درپيش آھن. پر جيڪڏھن اسان پنھنجي ٻارن جي مستقل مزاجي سان صحيح تربيت ڪري وياسين ۽ بھترين کان بھترين تعليم ڏيارڻ لاءِ ھنن جا ساٿي ٿي بيھي رھياسين ته اسان انھن سڀني دڙڪن ۽ لاتعداد مصيبتن تي قابو پائڻ ۾ سرھا ٿي سگھون ٿا ۽ ٿي وينداسين. ٻارن يعني پنھنجي اولاد جي تربيت ۽ تعليم تي ڌيان ڏيڻ جو مطلب ھي آھي ته اولاد جي صورت ۾ عطا ڪيل رب جي ھن نعمت جو اسان دل سان قدر ڪريون ٿا ۽ معاشري کي ھڪ بھترين شھري ڏيڻ جي لاءِ، اسان بطور والدين پنھنجي فرضن کي ايمانداري سان نڀايون ٿا. ڌيان ۾ رکندا ڪريو انھن ٻارن کي ڏسي جن جي تربيت تي توھان وائڙا ۽ حيران و پريشان ٿي وڃو ٿا جڏھن اھي توھان کي “اسلام و عليڪم انڪل” چون ٿا ان وقت جڏھن توھان پنھنجي فليٽ ڏانھن ويندي ڏاڪڻن مان گذرو ٿا.

تربيت ۽ تعليم سان گڏ ٻارن کي گھمائڻ ڦيرائڻ به ضروري آھي. نوان نوان پرڳڻا ۽ منفرد ٿاڪ ۽ مقام به ڏيکارڻ تمام گھڻو ضروري آھن. ھنن کي ھي ٻڌائڻ به ضروري آھي ته اسان جي ملڪ ۾، ۽ سنڌ ۾، اھي ڪھڙا ماڳ مقام آھن جن کي گھمڻ نه صرف تعليمي سفر جي لاءِ ضروري آھي پر ذھني صحت کي مناسب حالت ۾ برقرار رکڻ جي لاءِ به اوتروئي ضروري آھي جيترو اسان پنھنجي عام صحت جو خيال ۽ اونو ڪريون ٿا. گھمڻ ڦرڻ سان ماڻھو پُراعتماد ٿئي ٿو. اسان جا اڪثر ٻار اسڪولن ۾ جيڪڏھن بي اعتمادي جو شڪار ھوندا آھن ته جت ان بي اعتمادي جي پويان اسڪول مينيجمنٽ ۽ استادن جا نامناسب رويا ۽ غيرمھذب ٻولي جي استعمال جو ڪمال ھوندو آھي ات ٻارن کي والدين پاران گھرن ۾، ھر وقت گبرسنگھ وارو ماحول برپا رکڻ به زميوار ھوندو آھي. يعني ٻار جڏھن ھي چون ته اسان کي ڪيڏانھن گھمائڻ ڦيرائڻ لاءِ وٺي ھلو ته موٽ ۾ ڪا نه ڪا پنھنجي (ھٿي ٺوڪي) مجبوري ظاھري ڪري ٻارن جي ھن اھم حق کان مڪمل طور تي نابري وارڻ ۽ ٺٺول ڪندي ھي چوڻ ته پڙھائي به ڀلي پيا ڪريو ۽ ھاڻي ھليا آھن مڙس / سريلييون گھمڻ ڦرڻ! ڪراچي ۾ سروس ڪرڻ دوران منھنجا ڪيترائي اردو اسپيڪنگ دوست مونکي سئنيما ھالز ۾ پنھنجي ٻارن سان گڏ فلمون ڏسندي نظر آيا. نه صرف ايترو پر جڏھن واجھائي ڏسندو ھئم ته ڪٿ ڪو سنڌي خاندان به ائين نظر اچي ته ڪاري وارا ڪک ئي نظر ايندا ھئا. اسان جا سنڌي ڇوڪرا ٻار به ساڳيا رويا کڻي وڌن ويجھن ٿا جيڪي ھنن جي وڏن جا ھجن ٿا ۽ آھن. يعني پنھنجي ڀينرن کي ساڻ ڪري گھمائڻ ڦيرائڻ يا سئنيمائن تي گڏجي ڪا فلم ڏيکارڻ خاندان جي عزت جي خلاف ڪم سمجھن ٿا. خاص ڪري اھي ٻار جن جو تعلق اسان جي زرعي ۽ جاگيرداڻي سماج سان آھي. اھي عورتن کي ان طرح جي سماجي آزادي ڏيڻ کان ڄاڻي واڻي ڪيٻائين ٿا، توڻي جو ھاڻي تعليم ڏيارڻ لاءِ ڪجھ قدر سنجيده نظر اچن ٿا پر مڪمل انساني حق ڏيڻ کان اڃان به ڪوھين ڏور آھن.

ھن وقت گرمين جون موڪلون ھلي رھيون آھن. موڪلن کان اڳ ۾ جڏھن ٻارن کان ھنن جي گھمڻ ڦرڻ وارن منصوبن جي باري ۾ پڇا پئي ڪئي ته جواب ڪجھ ھن طرح جا ھئا: “سر بابا وارا اسان کي ھڪ موبائل فون نٿا وٺي ڏين گھمائڻ ڦيرائڻ لاءِ ڇڏيندا..!!”، “سر، ابو کان پڇا ڪئي ھئم ته اسڪول وارا وزٽ تي وٺي ويندا ان جي لاءِ پيسا گھرجن ٿا. ابو نه صرف دڙڪا ڏنا پر بيستي (بي عزتي) به خوب ڪيائين.”، آءُ اسڪول جي پاران ٻارن کي گھمائڻ ڦيرائڻ جي حق ۾ جيڪڏھن آھيان ته ساڳي حمايتي به ناھيان. مان چاھيندو ۽ خواھش رکندو آھيان ته يا ٻار پاڻ يا وري پنھنجي خاندانن سان خاص طور تي ماءُ ۽ پيءُ سان گڏجي گھمن ڦرن ته ان گھمڻ ڦرڻ ۾ وڌيڪ مزو، وڌيڪ پنھنجائپ، ۽ وڌيڪ چار چنڊ لڳي وڃن ٿا. خاندان سان گڏجي سير سپاٽي ڪرڻ ۾ جنھن مزي ۽ تحفظ ھجڻ جو احساس ٿيندو آھي اھو ڪنھن به ٻئي سفر ۾ ناھي ٿيندو. اسڪول صرف پنھنجي سي وي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ وزٽس ڪرائيندا آھن جڏھن ته خاندان ٻارن جي منزلن کي سامھون رکي ھنن کي ھر ان حق کي ڏيڻ جي لاءِ اڳيان اڳيان ھوندا آھن جيڪي ھنن جي تربيتن جي لاءِ ضروري، تعليم سفر جي لاءِ گھربل ۽ سير سپاٽي جي لاءِ مناسب ھوندا آھن. پنھنجي ٻارن جو قدر ڪريو. ھنن کي سٺو کارايو، پيئاريو، ھنن سان مزاق مستيون ڪيو، ھنن جي تعليم ۽ تربيت سان گڏ ھنن کي گھمايو ڦيرايو ڇاڪاڻ جو ائين نه ڪرڻ به ھنن سان وڏي زيادتي ٿيندي.