خضدار(م ڊ) بلوچستان نيشل پارٽي جو سربراهه سردار اختر مينگل ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ گرفتاري ڏيڻ لاءِ ٿاڻي تي پهچي ويو، وڍ ٿاڻي جي پوليس حراست ۾ وٺڻ کان معذرت ڪري ڇڏي. خانگي ٽي وي موجب وڍ ٿاڻي تي سردار اختر سميت 1200  نامعلوم ماڻهن تي ڪيس داخل ٿيل آهي. مٿن 9 ايف آءِ آرز داخل ٿيل آهن، خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي اختر مينگل چيو ته افسوس آهي ايف آءِ آرز ۾  معصوم ٻارن ۽ عورتن جا نالا به ڏنا ويا آهن آئون گرفتاري ڏيڻ لاءِ آيو آهيان ته نه اهي گرفتار ڪري رهيا آهن نه ئي ايف آءِ آر واپس وٺي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪوڙ تي ٻڌل ايف آءِ آر داخل ڪري ڌمڪائڻ جون ڪوششون ناڪام ٿينديون جنهن ۾ اهي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا.