پشاور / واشنگٽن (م ڊ) گرفتار داعش جي دهشتگرد شريف الله ماسڪو سٽي حملي ۾ به ملوث هجڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي، کيس ورجينيا جي وفاقي عدالت ۾ پيش ڪيو  ويو. آمريڪي انصاف واري کاتي موجب شريف الله ڪابل حملي ۽ حملي آورن کي فرار ڪرائڻ ۾ مدد جو اعتراف پڻ ڪيو، شريف الله مارچ 2024 ۾ ماسڪو سٽي هال حملي ۾ ملوث هئڻ جو اعتراف ڪيو آهي. آمريڪي انصاف واري کاتي موجب ماسڪو حملي ۾ شريف الله حملي آورن کي رائفلز ۽ ٻين هٿيارن جو استعمال سيکاريو. ايف بي آءِ ڊائريڪٽر ڪاش پٽيل جو چوڻ آهي ته دهشتگرد شريف الله باضابطه طور تي آمريڪا جي تحويل ۾ اچي ويو آهي، آمريڪي عوام لاءِ انصاف جي فراهمي تي ايف بي آءِ، سي آءِ اي ۽ انصاف کاتي تي فخر آهي.