نيويارڪ(انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪي رياست فلوريڊا جي شهر اورلينڊو سان تعلق رکندڙ هڪ شخص گرفتاري کان بچڻ لاءِ 21 ڪروڙ 25 لک رپين کان وڌيڪ ماليت جا هيرا ڳهي ڇڏيا، پرڏيهي ميڊيا موجب جيٿن لارنس گلائيڊر نالي 32 سالن جي همراهه 26 فيبروري تي اورلينڊو جي هڪ شاپنگ مال مان 769000 ڊالر (يعني 21 ڪروڙ 25 لک پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) جي هيرن جا والا چورايا، ميڊيا رپورٽس موجب جيٿن چوري ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو، جنهن جي گرفتاري لاءِ پوليس سندس پيڇو ڪيو ۽ هڪ رستي تي کيس روڪي گرفتار ڪري ورتو، پر انهن کي وٽانئس ڪجهه نه مليو، ميڊيا رپورٽس موجب جاچ دوران جوابدار چيو ته ڇا مون کي منهنجي پيٽ ۾ ڪجهه هئڻ سبب گرفتار ڪيو ويندو؟ جنهن بعد پوليس طرفان جيٿن جو ايڪسري ڪيو ويو، جنهن مان معلوم ٿيو ته سندس هاضمي جي نالي ۾ ڪا شئي موجود آهي، پوليس طرفان شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اها شئي چورايل قيمتي هيرا آهن، جنهن بعد اهي انهن هيرن کي جيٿن جي جسم مان قدرتي طور تي ٻاهر اچڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن، جڏهن ته جيٿن هن وقت پوليس جي حراست ۾ ئي موجود آهي.