لاهور / پشاور (م ڊ) پنجاب لاءِ پي ٽي آءِ پاران وزيراعليٰ جي اميدوار طور نامزد ميان اسلم اقبال کي گرفتار ڪرڻ جا الزام سامهون آيا آهن.ان ڏس ۾ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ عامر ڊوگر چيو آهي ته اسان جي وزيراعليٰ جي اميدوار ميان اسلم اقبال کي پنجاب پوليس پاران گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اڄ 100 کان ڌيڪ سيٽن تي ٿيل ڌانڌلي جو فيصلو ڪيو وڃي. پي ٽي آءِ جي اڳواڻ امتياز شيخ به پنهنجي گرفتاري جو خدشو ظاهر ڪندي چيو ته آئون گاڏي ۾ لڪي اسيمبلي پهتو آهيان. ٻئي پاسي پشاور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ اسلم اقبال جي گرفتاري جي ڪوشش خلاف توهين عدالت ڪيس جو تحريري حڪم نامو جاري ڪندي چيو آهي ته پنجاب پوليس اسلم اقبال کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته آءِ جي ڪي پي سندس خلاف ڪارروائي ڪري. عدالت پنهنجي حڪم ۾ وڌيڪ چيو آهي ته آءِ جي ڪي پي اسان جا حڪم پنجاب جي آءِ جي ۽ گھرو سيڪريٽري کي پهچائي. عدالت آءِ جي خيبرپختونخوا کي عدالتي حڪم نامو پهچائڻ جي ذميواري ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل کي ڏيندي آءِ جي کان 14 ڏينهن ۾ جواب طلب ڪري ورتو. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهايئندي اسلم اقبال جي وڪيل چيو ته ضمانت ملڻ باوجود پنجاب پوليس ميان اسلم کي روڪيو، اسپيڪر هائوس جي ويجھو گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ياد رهي ته پي ٽي آءِ ميان اسلم کي وزيراعليٰ پنجاب جي لاءِ اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو آهي.