اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان گرفتاري جي ڊپ کان آخري لمحي تائين گھر وڃڻ لاءِ پوليس سان سڪيورٽي ۾ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. عمران خان کي ڊي آءِ جي اسلام آباد پوليس ۽ ٻين خاطري ڪرائي ته پوليس توهان جي سڪيورٽي لاءِ آهي ۽ عدالت جو حڪم آهي ته توهان کي سخت سڪيورٽي ۾ لاهور تائين پهچايو وڃي، خانگي ٽي وي موجب عمران خان ان باوجود نه مڃيو ۽ چيو ته آئون پنهنجي گاڏي ۾ گهر ويندس، پوليس پويان هلي. خانگي ٽي وي موجب عمران خان جو چوڻ هو ته صبح کان وٺي عدالت ۾ بيٺو آهيا پر ٽن ڪلاڪن کان خاص طور تي مون کي بهانن سان روڪيو پيو وڃي. بعد ۾ عمران خان کي پوليس سڪيورٽي جي گاڏين واري پاسي بدران عدالت جي ٻئي دروازي کان ڪڍيو ويو.