احتجاج ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي سڌي فائرنگ ڪئي وئي، جهڙي طرح ماڻهو آيا هئا، انهن کي مظاهرين نه پر دهشتگرد چيو وڃي، ڪنهن به پرڏيهي شهري کي اسلام آباد جو امن تباهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، پڪڙيل مظاهرين ۾ افغان شهري به شامل آهن، چيف ڪمشنر اسلام آباد محمد علي رنڌاوا ۽ آءِ جي اسلام آباد علي ناصر رضوي جي پريس ڪانفرنس، آءِ جي اسلام آباد چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن رياست جي عملداري بحال ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو، ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، چيف ڪمشنر اسلام آباد چيو ته سموريون سرگرميون معمول موجب جاري آهن، سمورا روٽس ڪليئر آهن، هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي سنگجاني ۾ ڌرڻي جي اجازت ڏني وئي هئي پر شرپسندن بليو ايريا ۽ ريڊ زون داخل ٿيڻ لاءِ بضد هئا، اسلام آباد جي خوبصورتي ۽ گرين بيلٽس کي تباهه ڪيو ويو، پرامن احتجاج جي اوٽ ۾ ڪنهن کي به دهشتگردي ڪرڻ نه ڏينداسين، آءِ جي اسلام آباد چيو ته سڀني کي احتجاج جو حق آهي پر احتجاج ۽ دهشتگردي ۾ فرق آهي.