ٺٽو ( رپورٽر ) گجو ڀرسان تيز رفتار ڪار جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر، نينگر فوت، ڪار ڊرائيور گاڏي ڪاهي فرار خبر موجب گجو ويجھو سم نالي ڀرسان ٺٽو ڪراچي قومي شاھراهه تي تيز رفتار ڪار جي زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ ڳوٺ يوسف سمون واسي نينگر 9 سالا وارث پٽ الھڏنو سمون سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جا سور نه سھندي سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو، جڏھن ته واقعي واري ھنڌ تان ڊرائيور ڪار سوڌو فرار ٿي ويو، ھوڏانھن اسپتال جي ڪاروائي بعد نينگر جو مڙهه گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.