ٺٽو (رپورٽر) گجو ويجھو قومي شاھراھه تي سوزوڪي پڪ اپ جي موٽر سائيڪل سان ٿيل ٽڪر جي نتيجي ۾ ھڪ فوت ۽ ھڪ زخمي ٿي پيو آھي، گجو ويجھو ٺٽو ڪراچي قومي شاھراھه تي ھاليجي لنڪ روڊ ڀرسان تيز رفتار سوزوڪي پڪ اپ جو موٽر سائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ ڇڇ جھان خان جي ڳوٺ عبدالغني جت جو 60 ورھين جو رھواسي محمد ھاشم جت موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏھن ته موٽر سائيڪل ھلائيندڙ مراداڻي واسي نوجوان مشتاق شورو سخت زخمي ٿي پيو، اطلاع تي حد جي پوليس پھچي فوتي ۽ زخمي نوجوان کي سول اسپتال مڪلي ٺٽو منتقل ڪري وارثن کي اطلاع ڪيو ويو ، جڏھن ته حادثي واري ھنڌ تان سوزوڪي ڊرائيور سوزوڪي پڪ اپ سوڌو فرار ٿي ويو.