ٺٽو (رپورٽر) گذريل 2 ڏھاڙا اڳ گجو لڳ ڪراچي کي پاڻي فراھم ڪندڙ ڪي جي ڪئنال مان منهن ڌوئيندي پير ترڪڻ سبب ٻڏي فوت ٿيل گلشن حديد ڪراچي واسي نوجوان سريش ڪمار جو لاش مقامي ٽوٻن 20 ڪلاڪن کانپوءِ واٽر بورڊ جي لڳل جارين وٽان ڪڍي پوليس حوالي ڪيو، نوجوان جي لاش کي وارث پوليس ۽ اسپتال جي ڪاروائي بعد ايمبولينس ذريعي ڪراچي کڻائي ويا، جتي نوجوان جو مڙھه گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.