گجرانوالا: چوٿين شادي ڪندڙ شخص جي تقريب دوران ٽئين زال پهچي وئي، گهوٽ فرار

0
388
گجرانوالا: چوٿين شادي ڪندڙ شخص جي تقريب دوران ٽئين زال پهچي وئي، گهوٽ فرار
گجرانوالا: چوٿين شادي ڪندڙ شخص جي تقريب دوران ٽئين زال پهچي وئي، گهوٽ فرار

گجرانوالا (ويب ڊيسڪ) چوٿين شادي ڪندڙ شخص جي تقريب دوران ٽئين زال پهچي وئي، گهوٽ فرار ٿي ويو

پوليس موجب رمضان جي پهرين گهرواري فوت ٿي چڪي آهي ۽ ٻي زال کي هن طلاق ڏني هئي، جنهن بعد رمضان ٽئين شادي ڪئي هئي ۽ ان جا چار ٻار آهن

هاڻ رمضان چوٿين شادي ڪرڻ وڃي رهيو هو ته زال جي پهچڻ تي پنهنجي شادي تقريب ڇڏي فرار ٿي ويو

ٽئين زال مڙس خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ پيپلز ڪالوني گجراناوالا ۾ درخواست ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تي پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

چوٿين شادي ڪندڙ رمضان جي گهرواري جو چوڻ هو ته مون کي چار ٻار آهن، مڙس فراڊ ڪري چوٿين شادي ڪري رهيوهو، منهنجو ۽ منهنجي ٻارن جو ڇا ٿيندو، مون سان انصاف ڪيو وڃي