جوهانسبرنگ(انٽريسٽنگ نيوز) اقتدار مان فوج طرفان هٽايل گبون جي اڳوڻي صدر کي ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت ملي وئي، آگسٽ ۾ صدر علي هونگو جي صدارتي گارڊز 30 ڪمانڊر اقتدار تي قبضو ڪري صدر کي نظربند ڪري ڇڏيو هو. پرڏيهي ميڊيا موجب فوجي عملدارن تصديق ڪئي آهي ته اڳوڻي صدر جي نظربندي ختم ڪري ان کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. جنهن بعد هو علاج لاءِ ڪنهن پرڏيهي ملڪ ويندو. گبون فوج جي ترجمان سرڪاري ٽي وي تي جاري بيان ۾ چيو آهي ته اڳوڻو صدر علي هونگو سفر لاءِ آزاد آهي، جيڪڏهن هو چاهي ته ٻاهرين ملڪ وڃي سگهي ٿو. ميڊيا رپورٽ موجب اقتدار تي قبضو ڪندڙ جنرل برڪ اڳوڻي صدر جو سوٽ آهي جيڪو علي هونگو جي مرحوم والد جو باڊي گارڊ هو ۽ هاڻي ملڪ جي ايليٽ ملٽري يونٽ گارڊز جو سربراهه به آهي.