اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان آٽومينوفيڪچرز ايسوسئيشن  (پاما) ناڻي وزير کي خط لکي 40 لک رپين جي ماليت جي گاڏين تي اضافي ٽيڪس واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پاڪستان آٽومينوفيڪچرز ايسوسئيشن چيو آهي ته سيلز ٽيڪس وڌڻ تي گاڏين جو وڪرو متاثر ٿيو آهي، ڇھن مھينن دوران ٽرڪ جي وڪري ۾ 59 سيڪڙو، بس جي وڪري ۾ 58، جيپ جي فروخت ۾ 49 سيڪڙو کان وڌيڪ گھٽتائي ٿي آھي.