ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي گينگسٽر لارنس بشنوئي هڪ ڀيرو ٻيهر بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان جي نالي پيغام جاري ڪري ڇڏيو.پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ممبئي ٽريفڪ ڪنٽرول روم خميس ۽ جمعي واري رات ڌمڪي جوڳو پيغام مليو آهي.پيغام ۾ هڪ گيت جو حوالو ڏنو ويو هو، گيت ۾ مبينا طور سلمان خان ۽ گينگسٽر لارنس بشنوئي ٻنهي جو نالو ورتو ويو هو.ميڊيا رپورٽس موجب، پيغام ۾ گانو لکندڙ کي ڌمڪي ڏني وئي ته هڪ مهيني جي اندر کيس سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا. پيغام ڄاڻايو ويو آهي ته ” گيت لکڻ واري جو اهڙو حشر ڪيو ويندو جو هو وري لکي سگهندو، جيڪڏهن سلمان خان ۾ همت آهي ته کيس بچائي ڏيکاري