سڪرنڊ(ن پ ا) درگاهه پير ذاڪري جي سجادهه نشين سيد منير شاهه جي ميزبانيءَ ۾ اصلاح معاشرهه ۾ درگاھن جو ڪردار جي موضوع تي سيمينار منعقد ڪيو ويو، سيمينار ۾ درگاھ مٽياري جي غلام مجدد سرهندي، درگاھ سچل جي خواجه عبدالحق، درگاھ پيرجوڳوٺ جي سيد سعد الله راشدي، منهاج القرآن سنڌ جو صدر مظهر محمود ۽ ٻين شرڪت ڪئي، صدارتي خطاب ڪندي پروفيسر حسين معين الدين قادري چيو ته جيڪڏھن درگاهن جا گادي نشين دين حق تي عمل ڪري درست پرچار ڪن ته اسين سمجهون ٿا ته معاشري ۾ اصلاح اچي سگهي ٿي، ان ڪري جيڪو ٿيو سو ٿيو اچو ته گڏجي هڪ ڀيرو ٻيهر درگاهن کي اصلاح واري پاسي وٺي وڃي معاشري کي بهتر کان بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون، هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته درگاهن سان لکين ماڻھو واڳيل آهن، ان ڪري جيڪڏھن گادي نشين ڪوششون ڪندا ته تبديلي اچي سگهي ٿي، آخر ۾ ميزبان پاران مهمانن لاءِ مانجهاندي جو اهتمام ڪيو ويو.