ڪڪڙ(ن پ ا) ڪڪڙ لڳ گاج ڊيم ٿرڙي جادو شھيد ۽ ڪاڇي جي سوين ڳوٺن کي ملائيندڙ ايم اين وي ڊرين مٿان واحد اڏيل پل ڇنڊڻ جي ضلعي دادو ۽ روڊس کاتي انتظاميا پاران سالن کان مرمتي ڪم ن ڪرائڻ ۽ وزن واريون گاڏيون گذرڻ دوران مختلف ھنڌن تان وڏا کڏا پئجي ويا آھن جنھن ڪري وزني گاڏين  ٽريڪٽر ٽرالي توڙي ڳوٺاڻن جو گذرڻ مشڪل بڻجي ويو آھي گاج ڊيم ۽ سوين ڳوٺن جي رھواسين جو زميني رابطو شھر کان معطل ٿي ويو.  پل مڪمل طور  ڳوٺاڻن جي گذر ۽ گاڏين جي اچ وڃ مڪمل طور معطل ٿي وئي آھي ۽  گاج ڊيم تي ھلندڙ تعميراتي ڪم رولڙي جو شڪار ٿيڻ جا پڻ امڪان آھن پل تباه ھئڻ ڪري ٿرڙي جادو شھيد قصبو پٽ گل محمد مزار ڀرڳڙي، گل ٻٻر ، مريد ٻٻر، ڳوٺ کوهه وارا ڪلھوڙا، فيض محمد قمبراڻي سميت سوين ڳوٺن جو ڪڪڙ ۽ دادو ڏانھن ايندڙ ۽ ڪاڇي ويندڙ زميني رابطو ڪٽجي ويو  آھي، جنھن ڪري رھواسي سخت پريشاني جو شڪار آھن. ڳوٺاڻن لياقت قمبراڻي، الابخش، بشير احمد، رحمان چيو آھي تهاڄ صبح ريتي سان ڀريل ٽرڪ پل تان گذري پئي ته ڪلٽي ٿي پي آھي جنھن سبب پل خطرناڪ واري صورتحال اختيار ڪري وئي آھي ايم اين وي ڊرين ڇنڊڻ پل گاج ڊيم ۽ سوين ڪاڇي واسين ڳوٺن کي ملائيندڙ واحد پل آھي جنھن جو اسين ڪڪڙ ۽ دادو ڏانھن علاج توڙي واپار سانگي گذر ٿئي ٿو . (ايم اين وي ڊرين) مٿان گذريل  2010ع ۽ 2022ع جي ٻن مها ٻوڏن جو پاڻي گذرڻ ڪري پل زبون حال ٿي وئي ھئي پر پل جي سالن کان ضلعي دادو توڙي روڊس کاتي انتظاميا سندس جي مرمتي ڪم نه ڪرائڻ سبب  پل جو هڪ حصو ڪجه ٽائيم اڳ ڌماڪي سان ڪري پيو هو. ڳوٺاڻن طرفان پل تباه حال ھئڻ ڪري نئين سر تعمير ڪرڻ لاء  ضلع انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن کي آگاه ڪيو ھو پر ضلعي انتظاميا جي ڪن لاٽار  پل جي تعمير لاءِ ڪوبه جوڳا قدم نه کڻن سندس مرمتي ڪم نه ڪرڻ  سبب پل جو ٻيو حصو به ڪالھه ھنڌا ھنڌ وڏا کڏا پئجي وڃڻ سبب ٽٽي پيو ، رھواسين پاران ضلعي انتظاميا کي پل جي نئين سر تعمير ڪرائڻ  فورن جوڳا قدم کنيا وڃن.