اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ نئين گاج ڊيم جي تعمير متعلق ڪيس جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ڇهه رڪني آئيني بينچ  ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت کان نئين گاج ڊيم جي منصوبي جا تفصيل ۽ لاڳت جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏيندي چيو ته نئين گاج ڊيم منصوبو هن وقت تائين مڪمل ڇو ناهي ٿيو؟ وڪيل ڪنسٽرڪشن ڪنسورشيم چيو ته منصوبي جي حوالي سان طئي ڪيل فنڊزجاري نه پيا ڪيا وڃن. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته حڪومت ڇو پنهنجو ڪم نه پئي ڪري؟ ڇا ڊيم ٺاهڻ عدالت جو ڪم آهي. حڪومت پنهنجو ڪم ناهي ڪندي جنهن سبب اسان تي بار ايندو آهي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته فنڊز هجن ته هر منصوبو وقت تي مڪمل ٿي سگهي ٿو. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته منصوبو ڪڏهن ۽ ڪيتري لاڳت سان شروع ٿيڻو هيو؟ جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته هي منصوبو ته ٻن سالن ۾ مڪمل ٿيڻو هيو. وڪيل ڪنسٽرڪشن ڪنسورشيم چيو ته 30 ارب رپين جو منصوبو هيو هاڻي 100 ارب رپين تائين منصوبو ويندو. منصوبي جو ٽيون ڀيرو پلان جوڙيو پيو وڃي. جيترا فنڊز مليا آهن اسان ان کان به وڌيڪ ڪم ڪري ڇڏيو آهي. سرڪاري وڪيل چيو ته ٻوڏ سبب منصوبي ۾ دير ٿي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته معاهدي تي عمل ناهي ٿيندو وري نوان ريٽس گهريا ويندا آهن. مشاورت کانپوءِ منصوبي جي حتمي تاريخ ۽ بجيٽ جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڇهن هفتن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.