گاجي کهاوڙ (ن پ ا) گاجي کهاوڙ ۾ بجلي چوري جو 6 ڄڻن خلاف لائين سپرنٽينڊنٽ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو، خبر موجب گاجي کهاوڙ ۾ بجلي چوري جو لائين سپرنٽينڊنٽ عبدالسميع عباسي جي فرياد تي 6 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ عطا محمد شينو، وزير علي جويو، امجد علي سيھڙ، رياض شابراڻي، سھڻل شابراڻي ۽ يامين سومرو کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو آھي ته جوابدار پول مان غيرقانوني ڪنڊا ڪنيڪشن هڻي گهر ۽ دڪانن جي بجلي چوري ڪري هلائي رهيا هيا، جڏھن ته پوليس ڪو به جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي، هوڏانهن شهرين چيو ته اسان تي بيگناهه ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، اسان ڪا به بجلي چوري ناهي ڪئي، بجلي چوري ۾ واپڊا وارا پاڻ ملوث آھن.