گاجي کهاوڙ (ن پ ا)گاجي کهاوڙ جي ڳوٺ ڪڙيو سبڙ خان ۾ مسجد جي پيش امام الهرکيو ساکاڻي مٿان 11 ورهين جي يتيم نينگر احمد چانڊيو سان بدفعلي جو الزام لڳايو ويو. متاثر نينگر جي ناني محمد بچل ساکاڻي گاجي کهاوڙ ٿاڻي تي پيش امام الهه رکيو ساکاڻي خلاف اين سي داخل ڪرائي. ان موقعي تي نينگر احمد ساکاڻي پنهنجي ناني سميت احتجاج ڪندي چيو ته مان قرآن شريف جو سبق وٺڻ بعد واپس گهر وڃان پيو ته مسجد جي پيش امام الهه رکيو ساکاڻي مون کي زبردستي باٿ روم ۾ وٺي بدفعلي جي ڪوشش ڪئي جنهن تي مان دانهون ڪري ڀڄي ويس. هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدار کي گرفتار ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن گاجي کهاوڙ پوليس ٻڌايو ته بچل ساکاڻي وارا پيش امام الهه رکيو ساکاڻي وارن سان جهيڙو ڪيو هيو جنهن تي ڪالهه پيش امام الهه رکيو ساکاڻي وارا بچل ساکاڻي وارن مٿان ڪورٽ مان ڪيس داخل ڪرڻ جو آرڊر وٺي آيا آھن جنهن تحت بچل ساکاڻي وارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويندو جنهن تي هنن بدفعلي جو الزام لڳايو آھي.