گاجي کهاوڙ (ن پ ا) گاجي کهاوڙ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ سارين جو فصل تيار ٿي مارڪيٽ ۾ اچي ويو، هڪ طرف ساريون پاپڙي ۽ خس ٿي ويون آھن ته ٻئي پاسي آبادگار سستي اگهه تي ساريون کپائڻ تي مجبور آهن، شهر ۾ آليون ساريون 13 سئو کان 14 سئو تائين في مڻ ورتو وڃي ٿو ۽ سُڪل ساريون 18 سو کان 2 هزار رپين تائين في مڻ ورتو وڃي ٿو، جنهن ڪري آبادگار پريشان ٿي ويا آهن، ان حوالي سان مشتاق کهاوڙ، گلزار بروهي، ڪاظم حسين کهاوڙ منٺار شيخ عبداللطيف خاصخيلي، آفتاب کهاوڙ، صفدر گاڏھي ۽ ٻين چيو ته اسان لکين رپين جا خرچ ڪري ساريون تيار ڪيون ٿا پر اسان جو مڻ 18 سو کان 2 هزار تائين ورتو وڃي ٿو، جيڪو سراسر ظلم آهي، سارين جا اگهه گهٽ آھن، هنن وڌيڪ چيو ته واپاري پاڻ سستي اگهه تي ساريون وٺن ٿا ۽ پاڻ اٽو ۽ چانور مهانگي اگهه تي وڪرو ڪن ٿا، نوٽيس ورتو وڃي.