گاجي کهاوڙ (ن پ ا) گاجي کهاوڙ ۾ انتظاميا ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ڪئي، گاجي کهاوڙ – وارهه روڊ تي ويٺل مختلف ڳوٺن جون عورتون، مرد ۽ ٻارڙا بي يارو مددگار بڻيل آھن.  ٻوڏ متاثر عورتن صاحب خاتون، ريشما خاتون، سڪينه خاتون ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته اسان ڪافي ڏينهن کان بکن تي آهيون پر اسان کي ماني نٿي ملي ننڍن ٻارن کي کير نٿو ملي، ڊي سي قمبر طرفان برياني ملندي هئي اها به بند ڪئي وئي آھي،نٽھڻ اُس تي دربدر آهيون، خيما به نٿا،عورتن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته اسانکي ماني ڏني وڃي ۽ خيما ڏنا وڃن ۽ ننڍن ٻارن جو کير ڏنو وڃي جيئن اسان جا ننڍا ٻار بچي سگهن. ٻئي طرف اسپتال انتظاميه جو چوڻ آھي ته اسان جي اسپتال گاجي کهاوڙ ۾ ٻڏي وئي آھي جنهن ڪري اسان عارضي اسپتال قائم ڪري مريضن کي مفت ۾ علاج ڏيون ٿا.