گاجي کهاوڙ (رپورٽ: مدثر کهاوڙ) گاجي کهاوڙ جي اولھه طرف سپريو بند آھي، جيڪو گذريل 2010ع ۽  2022ع جي ٻوڏن سبب تباھ ٿي ويو، جڏھن ته ٻوڏن کي ڪيترائي سال گذري ويا پر ھن مهل تائين بند جو ڪم سهي ناهي ڪيو ويو، ٺيڪيدار سپريو جي بندن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ٻاھران مٽي کڻڻ بدران بندن جي مٽي کڻي بندن کي ويتر ڪمزور ڪري رھيو آهي، جنهن سبب ٻوڏن ۾ بند ٽٽڻ جو خطرو اڃا وڌي ويو آهي، ان حوالي سان علائقي واسين غلام مرتضيٰ چانڊيو، غلام رسول چانڊيو، ديدار علي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته اسان جا ڳوٺ ھن ڪمزور بندن جي ڪري گذريل ٻوڏن ۾ ٻڏي تباھ ٿي ويا هئا، گاجي کهاوڙ شھر سميت سوين ڳوٺ ھن سپريو بند کي لڳل گهرن سبب لڏپلاڻ ڪري وڏي تڪليف کي منهن ڏنو ھيو، بندن جي مرمت لاءِ ڪروڙين رپين جو ٺيڪو ٿيو آھي پر ٺيڪيدار ٻاھران مٽي کڻڻ بدران بندن جي مٽي کٽي ويتر سپريو بند کي ڪمزور ڪري ظلم ڪري رهيو آھي،هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي.