گاجي کهاوڙ(ن پ ا) گاجي کهاوڙ – ميهڙ روڊ تي ٽريڪٽر ۽ چنگچي ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿيڻ سبب فوت ٿي ويل 32 ورهين جي نصيبان بروھي جي وارثن وٽ ڳوٺ ٻليدائي جي رهواسين پاڪ ڪتاب کڻي ڳوٺ زهري بروهي ۾ فوتي عورت جي وارثن وٽ ميڙ کڻي پهتا، جنهن تي فوتي عورت جي وارثن قرآن پاڪ تي خون معاف ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي ميڙ ۾ آيل ماڻھن چيو ته اسان جي ڊرائيور کان غلطي ۾ روڊ حادثو ٿيو آهي ھن قرآن پاڪ جي صدقي اسان کي خون معاف ڪيو جنهن تي ميڙ کي مان ڏيندي مقتول عورت نصيبان بروهي جي وارثن خان معاف ڪري ڇڏيو آھي.