گاجي کهاوڙ(ن پ ا) گاجي کهاوڙ ڀرسان ٻه ڏينهن اڳ گرفتار ٿيل ڳوٺ ميرپور جي رهواسي ٻن ڀائرن محمد حسن چانڊيو ۽ سڪندر علي چانڊيو کي سول جج گاجي کهاوڙ ٿاڻي تي ڇاپو هڻي بازياب ڪرائي ورتو آهي، پورهيت جي آزادي جي لاءِ صدام چانڊيو طرفان سيشن ڪورٽ قمبر ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي هئي، آزاد ٿيل ٻنهي ڀائرن جو چوڻ هو ته اسان کي وڏيرن جي چوڻ تي پوليس بنا جواز گرفتار ڪيو هو.