گاجي کهاوڙ(ن پ ا) گاجي کهاوڙ ۽ آس پاس جي علائقن ۾ ڪڻڪ جو بمپر فصل تيار ٿي مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آھر پر سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ جي خريداري نه ڪرڻ سبب آبادگار ۽هاري سخت  پريشان آهن ،سرڪار پاران خريداري نه ڪرڻ سبب گاجي کھاوڙ جي سيلرن مالڪن جي ھڪ ھٽي قائم آهي مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جو اگهه 2200 کان سئو کان وٺي 2100 سئو روپين ۾ في مڻ وڪرو ٿيڻ لڳو آھي، آبادگارن ۽ هارين جا هٿ مٿي تي اچي ويا آھن،  آبادگارن مشتاق کهاوڙ، باقر کهاوڙ، اڪبر لاشاري، امتياز کهاوڙ، پرويز کهاوڙ ۽ ٻين آبادگارن جو چوڻ آهي ته ھن سال  ڪڻڪ جو گهٽ اگهه ملڻ سبب اسان کي  لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، ڀاڻ مهانگو،ٻڄ مهانگو هجڻ ڪري گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال ڪڻڪ جي پوکائي به گهٽ ٿي آهي، سنڌ حڪومت کان  مطالبو آهي ته جلد کان جلد خريداري سينٽر قائم ڪيا وڃن ۽ ڪڻڪ جو ريٽ 4 هزار مقرر ڪيو وڃي ته جيئن آبادگار ۽ هاري نقصان کان بچي سگهن.