لاڙڪاڻو/ گاجي کهاوڙ/ وارهه/  (نمائندن وٽان) گاجي کهاوڙ ڀرسان ڳوٺ رحمون کوسو مان ٽي ڏينهن اڳ گم ڄاڻايل 5 ورهين جي شبيران ڌيءُ اصغر کوسو جو ڳوٺ ڀرسان زمين مان تشدد ٿيل لاش هٿ آيو، اطلاع ملڻ تي پوليس جاءِ واردات تي پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ وارهه اسپتال پهچايو، گاجي کهاوڙ موجب نينگري جي ڪجهه حصن تي تشدد جا نشان آھن،  وڌيڪ نينگري جي موت ۽ تشدد جي خبر پوسٽ ذريعي پوندي.  نينگري جي  والد اصغر کوسو، چاچي جان محمد کوسو چيو ته نياڻي 3 ڏينهن اڳ گم ٿي  هئي ڳولا باوجود پتو نه پيو، سندس زمين مان لاش ھٿ آيو آھي. هنن چيو ته ظالمن ظلم ڪري معصوم نياڻي کي تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪري لاش ڪپڙن کان آجو ڪري اڇلائي ويا، قاتلن کي ظاهر ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏياري انصاف ڪيو وڃي.  ان سلسلي ۾ ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ محمد ڪليم وارھ اسپتال پهچي نينگري جي وارثن کان واقعي جا تفصيل ورتا ۽ ميڊيڪل عملي سان پڻ ميٽنگ ڪري تفصيل ورتا. ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ايس قمبر چيو ته واقعي تي افسوس آھي، نينگري جي بازيابي لاءِ ڪوشش ڪئي پر کيس هٿ ڪرڻ ۾ ناڪام وياسين . هن چيو ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد خبر پئجي سگهندي ته نينگري سان زيادتي ٿي آھي يا نه  شروعاتي رپورٽ  مطابق نينگري مٿان تشدد ٿيل آھي. ايس ايس پي چيو ته معاملي جي سينيئر آفيسرن تي مشتمل جاچ ڪاميٽي جوڙي ويندي جنهن کي هو خود مانيٽر ڪندو ۽ جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تي پهچايو ويندو.  هوڏانهن پوسٽ مارٽم بعد نينگري جا وارث لاش گاجي کهاوڙ ڀرسان ڳوٺ رحمون کوسو کڻائي ويا .هوڏانهن واقعي جو ڊي آءِ جي ناصر آفتاب نوٽيس وٺندي ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ محمد ڪليم ملڪ کان سمورن رخن تي جامع ۽ تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ڊي آءِ جي  چيو آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي.